وڏي وزير ٻھراڙين جي اسڪولن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران شدت اختيار ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي پاڻي ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا گهٽ ڪئي وئي آهي، وفاق کي مسلسل خط لکيا آهن ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪيو وڃي، اميد آهي ته وفاق اسان جي مسئلي کي حل ڪندو، پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪندڙ ٻن وڏن ڊيمن ڊيڊ ليول تي اچي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس جي بينڪيوٽ هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڄام خان شورو، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، انور سيال ۽ ٻيا سندن گڏ هئا. هن چيو ته سنڌ ۾ خريف جي پوکي پهريان شروع ڪئي ويندي آهي، پاڻي جي صورتحال بابت وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي خط لکيا آهن پر بدانتظاميءَ جي انتها آهي ته منگلا ڊيم کي به خالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻه سال اڳ 61 بلين سيڪٽر فٽ پاڻي هو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڌيڪ سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي ۽ سنڌ جي آبادگارن کي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ صوبي ۾ پاڻيءَ جي سطح تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته تربيلا ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽجي وئي آهي ۽ جنهن کي وقت تي نه ڀريو ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي پاڻيءَ جي بحران بابت تفصيلي خط سڀاڻي موڪليو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جو شديد بحران ٿيڻ وارو آهي ۽ وفاق سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪپهه جو پوکي آڳاٽي ڪئي ويندي آهي، آبپاشي کاتي تربيلا ڊيم کي ڀرڻ لاءِ خط به موڪليا هئا، جڏهن اضافي پاڻي هو تڏهن تربيلا ڊيم کي نه ڀريو ويو. هن چيو ته پاڻيءَ جي ورهاست تي وفاقي ادارن تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو نه آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا پاڻيءَ ۽ بجليءَ واري وفاقي وزارت ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ 6 فٽ پاڻيءَ جي سطح سنڌ جي پوڇڙيءَ واري علائقن ۾ ڪپهه جي پوکيءَ لاءِ ڪم ايندي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته آبادگارن سان گڏجي اجلاس منعقد ڪيو وڃي ته جيئن مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن جي خلاف ڪو ڪيس آهي ته قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عدالتي حڪمن جي خلاف ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عدالتن جو احترام ڪندا آهيون ۽ صوبي مان ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شرجيل ميمڻ کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ منهنجو معاملو آهي. هن چيو ته وزارت پاڻي ۽ بجلي جي ڪارڪردگي اها آهي ته بجلي ۾ ڇا ڪيو ۽ پاڻي لاءَ ڇا ڪري رهيا آهن، اهڙي رويي تي مان سخت احتجاج ڪريان ٿو. هن چيو ته مون ٻه ڏينهن اڳ چيو هو ته اسان کي فورس نه ڪيو وڃي ته مرڪز جا جيڪي ادارا سنڌ سان زيادتي ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪريان. هن چيو ته اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته جيڪو ڪجهه بهتر ڪري سگهون، اسان روٽيشن مڪنيزم هلائينداسين ۽ آبادگارن کي به اطلاع ڪئي ويندي ته پنهنجي پوکيءَ ۾ دير ٿي سگهي ته کين اعتماد ۾ وٺنداسين. هن چيو ته ايريگيشن مامرن تي تفصيلي خط وفاقي حڪومت کي لکي رهيو آهيان جيڪو سڀاڻي موڪليو ويندو، ان خط ۾ پاڻيءَ جي معاهدي جي ڀڃڪڙي، ريگيوليشن ڊيمن جي فلنگ صحيح نه ڪرڻ، جيڪي لنڪ ڪينالز بنا ڪنهن اصولن جي هلايا پيا وڃن، ڊيمن جي ريگيوليشنز واپڊا کان ورتي وڃي، واپڊا وفاقي ادارو آهي ان اداري جا جيڪي ڪرتا ڌريا آهن اهي وزيرن جي به ناهن مڃندا، وزير هڪ ڳالهه ڪندو آهي ۽ اهو ادارو ٻي ڳالهه ڪندو آهي. هن چيو ته منسٽر صاحب ونڊ پاور جي اجازت ڏيندو آهي ۽ ادارو ان جي اجازت ناهي ڏيندو. هن چيو ته ڊيمن جي ريگوليشن ارسا ڪندو آهي پر مان اهو چوندس ته واپڊا ڪندو آهي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان حوالي ڪئي وڃي تڏهن ئي ڀروسو ۽ اعتماد ٿيندو. واپڊا وفاقي ادارو آهي پر اسان جو ان تي اعتماد گهٽ آهي. هن چيو ته تربيلا جو 2015 ۾ ڊيڊ ليول 1380 فٽ هو، 2016 ۾ 1462 مطلب ته 62 فٽ ۽ 20 فٽ جن مان اسان کي پاڻي شروعاتي خريف ۾ ملندو هو. ان کان هڪ سال پهرين 1447، ان بعد 1441 ۽ ان بعد 1406 پاڻي هو ۽ هن وقت زيرو آهي. اسان وٽ پاڻي نه آهي ته اسان شروعاتي خريف لاءِ استعمال ڪيون ۽ اها ئي انهن جي مس مئنيجمينٽ آهي. هن چيو ته منگلا ڊيم ۾ پنهنجي ڊيڊ ليول 1440 تي اچي ويو آهي ۽ ٻيو ته منگلا ڊيم ۾ تربيلا ڊيم کان پهرين برسات جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ اسان سدائين چوندا آهيون ته سنڌ کي پاڻي شروعاتي خريف ۾ ضرورت هوندي آهي انڪري ذخيرو ڪرڻ کان اڳ سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي جيڪو ناهي ڏنو ويندو. هن چيو ته مان ٻيهر مطالبو ڪندس ته ريگيوليشن سنڌ ۽ بلوچستان جي حوالي ڪئي وڃي ۽ بلوچستان اسان وانگر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي پاڻي اسان جي بئراجن مان وٺندا آهن. هن چيو ته منگلا ڊيم کي ڀرڻ بدران ان جو پاڻي ڊائون اسٽريم سنڌ يعني ڪوٽڙي بئراج ڏانهن موڪليو وڃي ۽ گهرج به پهرين ڪوٽڙي بئراج کي آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته وفاقي حڪومت به سنڌ جي ڳالهه ٻڌندي، سنڌ جي آبادگارن ۽ سڄي صوبي جي زرعي معيشت جو انحصار ان تي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آبپاشي کاتي کي هڪ هفتو جو وقت ڏنو آهي ته سي سي آءِ لاءِ ڪيس تيار ڪري، پاڻيءَ جو مسئلو سي سي آءِ ۾ اٿارڻو آهي. هن چيو ته مون کي اها به خبر ملي آهي ته سنڌو درياهه مان پاڻي پهرين ئي چشما جهلم ڪينال ۽ تونسا پنجنت ڪينال ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ پنجاب جي اندر ٻيا ٻه لنڪ ڪينال بڻايا ويا آهن ۽ هُو سمورو پاڻي اوڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته وڌيڪ ٻه لنڪ ڪينال ٺاهڻ جي رٿابندي ۽ فزيبلٽي تيار ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو ايئن نه ٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته اسان جي آئين ۾اهو موجود آهي ته جيڪڏهن پاڻي جي حوالي سان ڪو اسٽريڪچر جوڙيو ته ان لاءِ چئني صوبن کان اجازت وٺڻي آهي، ان لاءِ اسان سي سي آءِ ۾ ان مامري کي اٿارينداسين جيڪو آئيني رستو آهي. هن چيو ته منگلا ڊيم مان اسان کي پاڻي ناهي ملندو. هن چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته پوڇڙيءَ واري آبادگارن سان ظلم ٿيندو رهندو. هميشه آبپاشيءَ جو اصول رهيو آهي ۽ اسان کي اهو ايڊوانٽيج آهي ته پوڇڙيءَ تي هئڻ سبب هر هڪ کي اسان جو خيال ڪرڻ گهرجي، پهرين اسان پوڇڙيءَ جي آبادگارن جون گهرجون پوريون ڪريون ۽ پوءِ اڳتي قدم کنيو وڃي بدقسمتيءَ سان ايئن ناهي ٿيندو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مونکي هلندڙ سال جي جون مهيني تائين 4100 اسڪولن مان 2500 اسڪول هلندڙ ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن تعليم کاتي بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعليٰ هائوس ڪيو. اجلاس ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، چيئرمين پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ محمد وسيم، تعليم ۽ خواندگي کاتي جو سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي، ناڻي کاتي جو سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي تعليم کاتي آگاهي ڏيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ 7 ڪروڙ 90 لک روپين تي مشتمل 351 منصوبا شامل آهن، جنهن مان 140 منصوبا هلندڙ ۽ 211 نوان منصوبا آهن جڏهن ته هلندڙ سال 13 بلين روپين جا منصوبا پڻ تجويز هيٺ آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ بابت شڪايتون آهن. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ترجيحي بنيادن تي نينگرين جي اسڪولن کي پهرين مرحلي ۾ جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ بوائز اسڪول جي سهولتن کي پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته سڀني اسڪولن ۾ پاڻي جي سهولتن سميت واش روم ۽ چوديواري ڀتون لازمي هجڻ گهرجن. بجيٽ موجود آهي، اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گهڻي لوڊشيڊنگ آهي، نون اسڪولن ۾ بجلي جي ڪنيڪشن وٺڻ بدران شمسي توانائي جو بندوبست ڪيو وڃي. اسڪولن ۾ فقط پنکن ۽ هڪ ٻه لائٽن جي ضرورت آهي. وڏي وزير وڌيڪ تعليم کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهين شمسي توانائي جو بندوبست ڪريو. اها وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته 45000 هزار اسڪولن مان اڌ کان وڌيڪ اسڪولن ۾ بجلي ميسر ڪونهي. جنهن تي وڏي وزير کي تعليم کاتي پاران ٻڌايو ويو ته جنهن اسڪولن ۾ بجلي جا ڪنيڪشن موجود آهن انهن ۾ اسڪول جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ ٿيڻ سبب اڪثر بند رهن ٿا. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسڪول هيڊماستر جي ڊيوٽي لڳائي وڃي ته اهي اسڪول جي بجلي جي بلن جي صحيح نگراني ڪندي اسڪولن جي مانيٽرنگ کي يقيني بڻائين. جيڪي هيڊ ماستر ڪم نه ٿا ڪن انهن کي اي سي آر (ACR) ۾ شڪايتون درج ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن تي بجلي جا ڪوڙا بل ٿاڦي وڏا بل لڳايا وڃن ٿا، جنهن ني نگراني لازمي ٿيڻ گهرجي. تعليم کاتي آگاهي ڏيندي چيو ته هن وقت 4100 اسڪول بند آهن جنهن کي هلائي سگهجي ٿو ۽ 1700 غير قابل عمل اسڪول شامل آهن. جنهن تي وڏي وزير تعليم کاتي کي ٽارگيٽ ڏيندي چيو ته مون کي هلندڙ سال جي جون مهيني تائين 4100 اسڪولن مان 2500 اسڪول هلندڙ ڏسڻ ۾ اچن. ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪي غير قابل عمل اسڪول آهن انهن کي مڪمل طور بند ڪري اسڪولن جي فهرست مان ڪڍيو وڃي. غير قابل عمل اسڪولن جي عمارتن جي سارسنڀال لهڻ ۽ انهن کي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ آندو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ تعليم کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو ته تعليم کاتي کي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي مثلاً اسڪولن کي باقائده هلائڻ، انرولمينٽ جي طريقيڪار ۾ سڌارو آڻڻ، تعليم جي معيار ۾ بهتري ۽ اسڪولن جي انتظاميه کي مؤثر ۽ قابل عمل ڪرڻ شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ننگرپارڪر جي 350 اسڪولن ۾ شمسي پينل لڳايا ويا آهن، انهن مان 95 سيڪڙو اسڪولن کي ڪاميابي سان بجلي ميسر آهي. اهي شمسي پينل 2015 ۾ لڳايا ويا هئا. جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته جن اسڪولن ۾ بجلي جي سهولت ميسر نه آهي انهن کي سولر پينل لڳائي ڏنا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *