وڏي وزير واٽر سپلاءِ جا منصوبا شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ رورل ڊولپمينٽ کي حڪم جاري ڪيا آهن ته اهي پنهنجا واٽر سپلاءِ جا منصوبا شمسي توانائي تي منتقل ڪن ته جيئن ننڍن وڏن ڳوٺن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي پاڻيءَ جي سپلاءِ جاري ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ رورل ڊولپمينٽ جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان وزير اعليٰ هائوس ۾ منقعد جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ جي جي خاص معاون فياض ٻٽ، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ) اعجاز علي خان، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو، کاتي جو چيف انجنيئر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ هئا. ان موقعي تي چيف انجنيئر نفيس شيخ ٻڌايو ته 1993.583 ملين رپين جي ڪل 139 اسڪيمن لاءِ، جن ۾ واٽر سپلاءِ جون 66 ۽ ڊرينيج جون 73 اسڪيمون به شامل آهن، انهن لاءِ ناڻي کاتي 1706.236 ملين رپيا جاري ڪيا آهن جن مان هيل تائين 888.864 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته واٽر سپلاءِ جي 27 ۽ ڊرينيج جي 32 اسڪيمن سميت 59 نين اسڪيمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ سنڌ سرڪار 490.659 ملين رپيا مختص ڪيا آهن. انهن منصوبن جي منظوري ملڻ کانپوءِ تمام جلد شروعات ڪئي ويندي. غير فعال منصوبن جي بحالي بابت چيف انجنيئر ٻڌايو ته هڪ سئو واٽر سپلاءِ جا ۽ هڪ سئو ڊرينيج جا منصوبا آهن جن جي بحالي لاءِ 2900 ملين رپيا منظور ٿي چڪا آهن ۽ انهن مان 1821.994 ملين رپيا جاري ٿي چڪا آهن جڏهن ته 916 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ چيف انجينئر ٻڌايو ته هلندڙ سال جي آخر تائين واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جا 57 منصوبا مڪمل ٿي ويندا. ان تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اعجاز علي خان کي هدايت ڪئي ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين هر منصوبي جي جاچ ڪرائين ڇاڪاڻ ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جا اڪثر منصوبا پنهنجي معيار ۽ پختگي جي حوالي سان اعليٰ معيار تي پورا ناهن لهندا. کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومري چيو ته سندن کاتو منصوبن جي تعمير ٿيڻ بعد انهن کي لاڳاپيل ڪميونٽي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اڪثر ڪري اهي ڪميونٽيون فنڊز نه هجڻ ڪري منصوبي کي هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وينديون آهن. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو انهيءَ حوالي سان هڪ پرپوزل تيار ڪري ته تيار ٿيل منصوبا يا ته بلديات کاتي حوالي ڪيا وڃن يا وري انهن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ هڪ الڳ مينٽينس ونگ قائم ڪئي وڃي جنهن مان لاڳاپيل ڪميونٽي فائدو حاصل ڪري سگهي. کاتي جي چيف انجنيئر چيو ته سندن کاتي لنڪ روڊن، واٽر سپلاءِ، نيڪاسي آب، ڪوسٽل ايريا جي واٽر سپلاءِ ۽ نڪاسي آب، ماحوليات، هٿ جي نلڪن جي بحالي، پيئڻ جي پاڻي جي موبائل ٽيسٽنگ سروس ۽ حفاظتي قدم جي مشاورتي منصوبا ۽ سولر اسٽريٽ لائيٽ اسڪيمن سميت مختلف شعبن تي فوڪس رکيو آهي. هن چيو ته هن سال هڪ ارب رپين جي لاڳت سان 26 منصوبن جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي ٽيسٽنگ موبائل سروس ۽ حفاظتي انتظامن جي صلاحڪاري منصوبا (Mobile drinking water testing & safety measures advisory project) وڏي اهميت وارا آهن ڇاڪاڻ ته ان منصوبي جي ذريعي حڪومت کي انهن علائقن جي ڊيٽا ملي سگهندي جتي صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي موجود آهي ۽ ان ڊيٽا جي مدد سان نوان منصوبا جوڙڻ ۾ سولائي ٿيندي. شمسي توانائي تي هلندڙ منصوبي بابت وڏي وزير چيو ته سولر اسٽريٽ لائيٽ وارا منصوبا ٻهراڙين ۾ وڏا مشهور ٿيا آهن هر ڪوئي اهڙن منصوبن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ڪمپنيون سولر لائيٽيون لڳائي رهيون آهن انهن وٽ اهڙو منصوبو هلائڻ لاءِ سڄي سال جو مڪمل انفرا اسٽرڪچر هئڻ لازمي آهي. ان موقعي تي فياض ٻٽ چيو ته هو رڳو انهن ڪمپنين سان معاهدو ڪري رهيو آهي جيڪي نه صرف سولر لائيٽ لڳائينديون پر انهن جي مرمت جون پڻ ذميوار هونديون. هن چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ هن سمورن ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن سان مانيٽرنگ ڪميٽيون ٺاهڻ جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سمورن منصوبن جي ڪوالٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي مانيٽرنگ سسٽم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ۽ ان حوالي سان وقت بوقت پنهنجيون سفارشون به موڪليندا رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *