وڏي وزير ليڊي هيلٿ ورڪرز کي يرغمال بڻائي زيادتي ڪوشش جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، ڪارروائي جي هدايت

خيرپورناٿن شاهه (نمائندو) خيرپور ناٿن شاهه ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي يرغمال بڻائي ڏاڍائي جي ڪوشش واري معاملي بعد گرفتار چئن ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، وڏي وزير قائم علي شاهه واقعو جو نوٽيس وٺي ڊي سي دادو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن خيرپور ناٿن شاهه ويجهو يوسي گوزو نمبر ٽَي جي ڳوٺ رسول بخش ٻرڙو ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل پوليو ٽيم مٿان اڻڄاتل جوابدارن حملو ڪيو. جوابدارن عورت رضاڪار ڪنول ملاح ۽ عائشه سيال تي تشدد بعد موبائل ۽ ٻيو سامان ڦرڻ ڪئي ۽ مبينا طور ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. ڪي اين شاهه پوليس پهچي چئن جوابدارن روشن چانڊيو، امتياز چانڊيو، منٺار چانڊيو ۽ حنيف چانڊيو کي گرفتار ڪيو. ڪي اين شاهه ٿاڻي تي بنيادي صحت مرڪز جي انچارج ڊاڪٽر اياز جوکيو جي فرياد تي چئني جوابدارن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي سي دادو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي گرفتار جوابدارن کي بچائڻ لاءِ تر جا ڀوتار ميدان تي لهي پيا آهن ۽ واقعي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ راڄوڻي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اڳواڻ نور بانو ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ورڪرز سان اهڙي قسم جا واقعا پهرين به ٿيا آهن، انتظاميا کي آگاهي ڏيڻ باوجود ڪنهن کي به انصاف ناهي مليو. نور بانو ملاح چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪز انتهائي خراب حالت ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ تي مجبور آهن، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ جو چوڻ هو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز اهڙو معاملو لکت ۾ نه ڏنو آهي، ڳوٺ وارن سان ڳالهيون ٿيون آهن، آئندي  اهڙو واقعو پيش نه ايندو. ليڊي هيلٿ ورڪرز انصاف جي فراهم لاءِ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو، جيڪو انتظاميه جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو تنهن هوندي به ليڊي ورڪرز واضح ڪيو ته هو يو سي گوزو ۾ نه وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *