
ڪراچي(م.د) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊرگس کاتي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قيصر کي برطرف ڪري ڇڏيو. هن چيو آهي ته ڪم نه ڪندڙن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صحت کاتي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليو، ايڊز ۽ ٻين پروگرامن جي مئنيجرن شرڪت ڪئي. اجلاس سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صحت کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي سفارش برداشت نه ڪنداسين جڏهن ته پوسٽنگ لاءِ سفارش ڪندڙن کي به فارغ ڪيو ويندو.