وڏي وزير سان پ پ خيبرپختونخواهه جي وفد ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ پختونن جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ عوام جي ڪنهن رنگ، نسل ۽ بنا سياسي فرق جي غريبن جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پ پ چئني صوبن سان گڏ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مقبول سياسي پارٽي آهي. هن چيو ته پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم کي اهڙو متفقه آئين ڏنو، جنهن جي تحت سمورن شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن. هن چيو ته سڌ ۾ پ پ جي حڪومت ڪراچي ۾ عرصي کان رهندڙ سمورن پر امن پختون ڀائرن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سان گڏ انهن کي آئين ۾ ڏنل حقن جو به تحفظ ڪندي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت سماجي، معاشي، تعليمي، پروفيشنل ۽ ڪاروباري ضرورتن جو به خيال رکندي. اهڙي خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پ پ خيبرپختونخواهه جي وفد ڪراچي ۾ رهندڙ پختونن جي نمائندن سان گڏ پ پ خيبرپختونخواهه لاءِ شريڪ چيئرمين جي سياسي صلاحڪار ۽ اڳوڻي ايم اين اي نور عالم جي سربراهي ۾ ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پ پ جي نائب چيئرمين شيرين رحمان به موجود هئي. وڏي وزير وفد جي نشاندهي تي پيش ڪيل مسئلن جي حل لاءِ خاص معاونن وقار مهدي، راشد رباني ۽ پ پ اڳواڻ لعل بخش ڀٽو تي مشتمل گڏيل ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ پختون ڪميٽيز جي ميمبر اڳواڻن کي چيو آهي ته ڪميتي ۾ شموليت لاءِ پنهنجي طرفان نالا پيش ڪن ته جيئن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي پختونن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ تڪليفن کي فوري طور حل ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ رهندڙ پختون ڪميونٽيز لاءِ ڌار قبرساتن لاءِ زمين جي فراهمي واري مطالبي تي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ تي پابندي لڳائي آهي پر هن وفد جي ميمبرن کي چيو ته رهائشي علائقن جي ويجهو زمين جي نشاندهي ڪن ۽ ان جي الاٽمينٽ لاءِ درخواست ڏني، جنهن تحت قاعدن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ پابندي ختم ٿيڻ بعد زمين الاٽ ڪئي ويندي. ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارد جي تايري، پاڻي جي فراهمي، بجلي گيس جي سهولتن بابت مسئلن تي وڏي وزير خاطري ڪرائي ته ان جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون وينديون. ..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *