وڏي وزير خلاف ريفرنس جي مذمت، نيازي نيب جي ملي ڀڳت آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزيرن وزيراعليٰ سنڌ تي نيب پاران ريفرينس دائر ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو نيب ۽ نيازي جو ملي ڀڳت آهي ۽ اهو ريفرينس بد نيتي تي ٻڌل آهي.  وڏي وزير سنڌ ۾ ترقي جو سفر جاري رکيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي وزيرن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هراسان ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي اسان اهڙين حرڪتن کان ڊڄڻ وارا ناهيون . اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير تعليم سعيد غني، ۽ صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اربع ڏينهن سنڌ اسييمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون شهزاد ميمڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير جاويد ناگوري به موجود هو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عمر ڪوٽ  واري ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار سيد امير علي شاهه ڪامياب ٿيو جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي جنرل اليڪشن کان وڌيڪ ووٽ مليا جڏهن ته ان جي مقابلي ۾  اتحادي اميدوار کي گذريل عام چونڊن کان به گهٽ ووٽ مليا. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ترقياتي ڪمن تي تيز رفتاري سان عملدرآمد ڪرائي رهيو آهي ان لاءِ عوام پيپلزپارٽي کي ڀرپور اڪثريت سان ڪامياب ڪيو. هن چيو ته ڪجهه قوتون چاهين پيون ته 2018 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت نه ٺهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺهڻ بعد گورنر راج جون به ڳالهيون ڪيون ويون هن چيو ته سيد مراد علي شاهه ڪڏهن به ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو وزيراعليٰ سنڌ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ضرور ڪيا آهن وڏي وزير تي ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ اهڙي قسم جي ڪيسن سان اسان کي ڊيڄاري نٿو سگهجي .بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه تي ريفرينس بابت لکت ۾ کين اطلاع اڃا تائين ناهي ملي نيب ريفرينس جي باري ۾ اسان کي ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو آهي جيڪڏهن اها خبر درست آهي ته سموريون شيون عدالت آڏوپيش ڪيون وينديون .اسان ڪڏهن به راهه فراراختيار ناهي ڪئي. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه  اڳ ۾ به نيب  آڏو پيش ٿي چڪو آهي ۽ سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهي. جڏهن ته نيب پاران ڏنل سوال نامي جا مفصل جواب تحريري طور جمع ڪرايا هئا .هن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل ريفرينس جيڪو نوري آباد پاور ڪمپني بابت آهي جيڪو پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت 15.2 ارب رپين جي لاڳت سان قائم ڪيو ويو جنهن سان ڪراچي کي 100 ميگاواٽ سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي جنوري 2018 کان هاڻي تائين 2315 گيگاواٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ حڪموت کي 24.82 ارب رپين جو ريونيو مليو آهي جڏهن ته ريفرنس جو ٻيو حصو سنڌ ڊسپيچ اينڊ ٽرانسميشن ڪمپني بابت آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته جڏهن نوري آباد پاور پلانٽ جي تعمير مڪمل ٿي ته اسان نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني کي گذارش ڪئي ته نوري آباد کان ڪراچي تائين بجلي جي ترسيل ڪئي وڃي پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو ان کانپوءِ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن 1.9 ارب جي لاڳت سان پنهنجي ٽرانسميشن ڊسپيچ ڪمپني قائم ڪئي جنهن جي تحت نوري آباد کان ڪراچي کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي ان ڪمپني نه صرف 27 ڪروڙ رپيا قرضو واپس ڪيو آهي جڏهن ته 12 ڪروڙ منافو به ڪمايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيب ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ ٺهي هئي پر نيب پاران اهو سڀ ڪجهه سنڌ  حڪومت جي ساک خراب ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي  بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته صوبائي معاملن ۾ نيب کي اختيار نه هئڻ گهرجي اسان پوءِ به قانون  جي حڪمراني تي يقين رکي جواب ڏئي رهيا آهيون نيب ريفرينس تي وڏي وزير کي گهرايو ويو ته پيش ٿيندو ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته نيب ريفرينس ۾ سواءِ بد نيتي جي ٻيو ڪجهه ناهي پيپلزپارٽي جي وزيرن خلاف نيب جي ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آهي.. ڄام خان شورو، شرجيل انعام ميمڻ، سهيل انور سيال، سميت ڪيترائي ساٿين سان ايئن ٿيو سيد خورشيد شاهه ڪيترائي مهينن کان گرفتار آهي ۽ ڪوڙي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي هن چيو ته نيب موجودو حڪومت جو هٿيار آهي جيڪو سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. شيخ رشيد چيو ته اگر ڪو ٽف ٽائيم ڏئي رهيو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه آهي شيخ رشيد جي هن بيان کان ڪجهه ڏينهن بعد ريفرينس سامهون آيو آهي . هن چيو ته بي بنياد ڪوڙا الزام لڳائڻ سان عوام جون چونڊيل حڪومتون مفلوج ٿي وينديون آهن. سعيد غني چيو ته ڄام خان شورو، سليم مانڊوي والا، سهيل انور سيال، کانپوءِ هاڻي سيد مراد علي شاهه جي خلاف تيزي ڏيکاري وئي آهي هن چيو ته ڪو به قومي خزانو ضايع ناهي ٿيو ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي فيصلن جو اختيار هوندو آهي اهي چاهن ٿا ته اسان مفلوج ٿي وڃون جيڪو تيزي ڏيکاري ٿو ان جي پويان نيب کي لڳايو ويندو آهي چوڌهري پرويز الهٰي جي خلاف به نيب متحرڪ ٿيو هو هن اکيون ڏيکاريون ته سڀ خاموش ٿي ويا هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ جي خلاف به نيب ۾ ڪيس هئا زلفي بخاري ته نيب آڏو پيش به نه ٿيو ان کي ڪلين چٽ ڏني وئي چيئرمين نيب چيو ته اگر ڪيس کولي ڇڏيان ته حڪومت هلي ويندي هن چيو نيب چيئرمين  جي ويڊيو کانپوءِ چيئرمين نيب حڪومت جو خادم بڻجي ويو آهي اسان جي تاريخ آهي ته اسان اصولن کان پوئتي ناهيون هٽندا اسان جون زبانون بند نه ٿي سگهنديون هن چيو ته نيب اينٽي ڪرپشن سنڌ کي  خط لکيو هو ته حليم عادل شيخ بابت انڪوائري جا دستاويز ڏنا وڃن سمورا دستاويز فراهم ڪرڻ جي باوجود ان خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي سعيد غني وڌيڪ چيو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي انڪوائري تي ڪا به گرفتاري نه ٿي عوام جي کيسن مان اربين رپيا ڪڍيا ويا پر ڪا گرفتاري نه ٿي پيٽرول جي اگهن ۾ 25 رپيا اضافو ڪيو ويو ملڪ ۾ پيٽرول جو بحران ٿيو ڇا نيب پيٽرول جي بحران تي حڪومت کي ڪو خط لکيو . نيب ستل آهي سنڌ ۾  مقررين ۽ بدلين تي به  نيب نوٽيس وٺندي آهي پي آئي اي جو جهاز روڪيو ويو ڪنهن پڇيو. هن چيو ته وزيراعليٰ لاءِ اين آر او گهريو آهي نه گهرانداسين.   

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *