وڏي وزير جي عوام کي آدمشماري ڪندڙن عملي کي فردن جا نالا ۽ تعداد سميت سموريون ضروري معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇهين آدمشماريءَ جي موقعي تي آدمشماري ڪندڙن عملي کي گهر جي فردن جا نالا ۽ تعداد سميت سموريون ضروري معلومات فراهم ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان جيڪا به سمري ۽ ڊيٽا تياري ٿئي ان کي ويب سائيٽ تي به رکيو وڃي. هن ڊسٽرڪٽ آفيسرز آدمشماري کي به هدايت ڪئي وڃي ته ان جي حل لاءِ ڪو طريقيڪار ۽ مڪينزم هئڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته گهرن جي ڳڻپ ۽ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي عوام کي ڀرپور طريقي سان حصو وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهر جي سمورن ماڻهن جي صحيح ڄاڻ آدمشماري ڪندڙ ٽيم کي مهيا ڪئي وڃي ۽ کين ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن اسان وٽ هر هڪ گهر جي صحيح ڄاڻ پهچي سگهي ۽ ڊيٽا گڏ ڪندڙ ٽيم آسانيءَ سان پنهنجي ڪم کي صحيح طريقي سان ڪري سگهي. اها ڳالهه اڄ هن گڏاپ ۾ ڪچي آباديءَ واري خاص معاون ۽ ايم پي اي مرتضيٰ بلوچ پاران ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، مڪيش ڪمار چاولا، گيانچند اسراڻي ۽ ايم پي ايز امتياز علي شيخ، ڊاڪٽر سڪندر شورو سميت پارٽي ڪارڪن جو وڏو انگ موجود هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلن بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *