ڪراچي(م.ڊ) سنڌ حڪومت جي ٽن صلاحڪارن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو، ليبر کاتي جي صوبائي صلاحڪار سعيد غني ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي صلاحڪار عبدالقيوم سومرو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏيندي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڏياري موڪلي آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بئنچ مرتضيٰ وهاب کان قانون جي صلاحڪار واري حيثيت جو قلمدان واپس وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران مرتضيٰ وهاب کان قلمدان واپس وٺڻ بابت نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جو چوڻ هو ته سعيد غني، مولا بخش چانڊيو ۽ اصغر جوڻيجو به مختلف کاتا هلائي رهيا آهن، انهن کي به عهدن تان هٽايو وڃي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻن ڏينهن ۾ مولا بخش چانڊيو، اصغر جوڻيجو ۽ سعيد غني کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري عدالت ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيا وڃن.سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، مولا بخش چانڊيو پنهنجي استعيفيٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته عدالت جي فيصلي کانپوءِ ان عهدي تي رهڻ مناسب ناهي، شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به احترام ڪيو ويندو.