وڏي وزير جو ٿر کان ڪينجهر ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين وڻڪاري جو اعلان

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس ڪجهه اهم رٿائن ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر)، ڪيٽي بندر، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، درياهه جي لائننگ، ڪراچيءَ لاءِ ميگا ڊيسيلينيشن پلانٽ جهڙين رٿائن کي ڊسمبر 2018ع جي آخر ۾ رٿيل سي پيڪ بابت جوائنٽ ڪوآرڊينشن ڪميٽي (جي سي سي) اجلاس ۾ پيش ڪندو. هن اها ڳالهه بيجنگ ۾ ٿيندڙ جي جي سي واري اجلاس تياري ڪرڻ بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي زراعت وارو صوبائي وزير اسماعيل راهو، توانائي وارو صوبائي وزير امتياز شيخ، ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير اويس شاهه، رٿابندي ۽ ترقيءَ وارو چيئرمين محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ڊائريڪٽر عظيم عقيليءَ ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته 29 ڊسمبر 2018ع تي منعقد ٿيندڙ جي سي سي جي ڇهين اجلاس ۾ انهن ٽن رٿائن جي منظوري ڏني وئي هئي ۽ انهن کي ٻيهر اٿاريو ويندو. هن چيو ته سندس ڪيترين ئي فارملٽيز کي مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي هڪ تمام اهم رٿا آهي جيڪا مان پنهنجي شهرين کي بطور تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته اهو 1.97 بلين ڊالرن ۽ 43.24 ڪلوميٽر ڊگهي رٿا سان شهر جي ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿيندا پر ان جي بدولت شهر جو اربن ٽرانسپورٽ واري سهولت جي حوالي سان گڏيل طور تي اميج پڻ بهتر ٿيندو. ڪي سي آر رٿا وزير مينشن کان شروع ٿيندو ۽ ٽاور، ڪراچي سٽي، ڊي او سيز، ڪراچي ڪينٽ، نيول، چنيسر، شهيد ملت، ڊرگ روڊ، ڊرگ ڪالوني، اسٽارگيٽ، جناح ٽرمنل، جوهر، الادين پارڪ، نيپا، گيلاني، ياسين آباد، لياقت آباد، ناظم آباد، اورنگ آباد، ڪي بي ايل، منگهوپير، سائيٽ، شاه لطيف، بلديا، لياري ۽ واپس وزير مينشن تائين آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون رٿا بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اها رٿا 1530 ايڪڙ ايراضيءَ تي قائم ڪيو پيو وڃي، اهو زون هڪ اهم هنڌ تي واقع آهي جيڪو نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍيل آهي ۽ موٽر وي جي ويجهو آهي، ان رٿا تي اٽڪل 43 بلين رپيا لاڳت ايندي. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪيٽي بندر جو ڪاغذي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ پهرين ڀاڱي ۾ اهو بطور هڪ جيٽي ڪوئلي جي برآمد لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ انکي هڪ مڪمل بندرگاهه طور تي اپ گريڊ ڪيو ويندو. اها ويڪري ۽ وسيع روڊ سان گڏ بطور بندرگاهه ڳنڍيل آهي ۽ ان جي نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي ڏانهن ويندڙ پهچ وارا روڊ هوندا. مراد علي شاهه چيو ته سندس ڪجهه ٻين رٿائن تي پڻ ڪم ڪيو آهي جن ۾ زراعت جي رٿا، ماحوليات وارو منصوبو، ڪراچيءَ لاءِ ميگا ڊيسيلينيشن پلانٽ ۽ گڊو کان سکر درياهه جي لائننگ جي درخواست ڪري سگهون ٿا. وڏي وزير چيو ته چين زراعت جي شعبي ۾ شاندار ترقي ڪئي آهي ۽ اسان انهن جي تحقيق ۽ عملي ڪم کان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زراعت جي منصوبي ۾ فصلن جي پوکيءَ ۾ تبديلي، لو ڊيلٽا کي متعارف ڪرائڻ، وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ ۽ سموري زراعت جي نظام جو ميڪنيزم شامل آهي. ماحولياتي منصوبي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سندس سڄي صوبي کي ”سرسبز سنڌ“ طور ڏسڻ چاهي ٿو جنهن تحت لکن جي انگ ۾ وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال ڪئي ويندي. هن چيو ته مان ٿر کان ڪينجهر ۽ ڪراچي کان ڪشمور وڻڪاري شروع ڪندس. هن چيو ته اهو سڀ سائنسٽيفڪ ريت ٿيندو. وڏي وزير چيو ته ماڻهو ماحوليات جي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن پر اسان عملي طور تي پيرس معاهدي جي رهنمائيءَ ۾ مجموعي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺنداسين. هن چيو ته سندس هڪ پلان جوڙيو آهي جنهن تحت گڊو بئراج کان سکر بئراج درياهه جي لائننگ ڪئي ويندي. هن چيو ته مون پاڻيءَ جي ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪيا آهن ۽ انهن صلاح مشورن کي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي جيڪڏهن اهو منصوبو فزيبل آهي ته ان کي جي سي سي واري اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته گڊو بئراج کان سکر بئراج درياهه جي لائننگ سان نه رڳو اهو ته پاڻي کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ان جي ڪري درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي دياهه جي ڪنارن تي وڻن جي ڪٽائي ۾ پڻ گهٽتائي ايندي جتي هزارين ايڪڙ ايراضي پاڻيءَ هيٺ آهي. هن چيو ته ان سان ڪچي وارا علائقا ٻوڏ کان پڻ محفوظ رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *