وڏي وزير جو بيان رد، دير جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت سنڌ کي فنڊ نه ڏيڻ واري قائم علي شاهه جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، ناڻي وزارت جي ترجمان مطابق دير جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، سنڌ اينگرو پراجيڪٽ جي حوالي سان ناڻي وزارت جي ترجمان وضاحت ڪئي ته پراجيڪٽ لاءِ حڪومتي گرانٽي ۾ دير جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، هن چيو ته ان ڏس ۾ وڏي وزير جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ڪي فور پراجيڪٽ لاءِ وفاق جي فنڊز کي سنڌ حڪومت استعمال نه ڪري سگهي، پهريان کان جاري ٿيل فنڊن جي استعمال کانپوءِ وڌيڪ فنڊ جاري ٿيندا، ترجمان چيو ته صوبائي حڪومتن پاران موڪليل معاملا ميرٽ تي اڪلايا وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *