وڏي وزير جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج جو نوٽيس ورتو، سيڪريٽري صحت ۽ اسپتال انتظاميه طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير قائم علي شاهه جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي صحت واري وزير، سيڪريٽري ۽ جناح اسپتال انتظاميا طلب کي طلب ڪري ورتو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته احتجاج سان غريب مريض متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن جي اسلام به اجازت نٿو ڏئي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرجي ٽن ڏينهن کان جاري احتجاج جو نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر، صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، صحت ۽ ناڻي وارين سيڪريٽرين سميت ٻين عملدارن کي طلب ڪري ورتو آهي. وڏي وزير قائم علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته هڙتالن سان غريب مريض متاثر ٿي رهي آهن. هن چيو ته هڙتالون انساني خدمتن جي خلاف آهن، جنهن جي اسان جو مذهب به اجازت نٿو ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *