وڏي وزير ثقافت کاتي کي سکر ۾ معصوم شاهه جي مناري جي بحالي واري اسڪيم فوري طور تيار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي ثقافت کاتي کي سکر ۾ معصوم شاهه جي مناري جي بحالي واري اسڪيم فوري طور تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير جيصدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن دوران ثقافت کاتي بابت صلاحڪار شرميلا فاروقي بريفنگ ڏيندي چيو ته 99 اسڪيمن مان 22 اسڪيمون مڪمل ٿي ويون آهن. شرميلا فاروقي اهو به ٻڌايو ته هڪ ڏهائي 6 ارب رپين جي لاڳت وارين اسڪيمن مان 30 اسڪيمن تي ڪم هلندڙ آهي، جڏهن ته هاڪس بي ريسٽ هائوس ، ڪراچي ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس ۽ لائبريري سميت ٻين اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وڏي وزير ثقافت کاتي جي عملدارن کي سکر ۾ معصوم شاهه جي مناري جي بحالي واري اسڪيم فوري طور تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي . اجلاس ۾ سينيئر ناڻي واري وزير مراد علي شاهه، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري نياز عباسي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *