وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي لڳايل سمورن الزامن جو تفصيلي طور جواب ڏئي ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي لڳايل سمورن الزامن جو تفصيلي طور جواب ڏئي ڇڏيو آهي، وڏي وزير خلاف استحاق واري رٿ آڻڻ جو ڪوبه جواز نه آهي. سنڌ اسيمبلي اجلاس کانپوءِ شرجيل ميمڻ ميِڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الزامن مڙهيندڙ جواب ٻڌڻ جي سگهه نٿا رکن، سرڪار چاهي ٿي ته  سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته وڏي وزير اجلاس ۾ پنهنجي خطاب دوران ايم ڪيو ايم جي لڳايل سموران الزامن جا تفصيلي طور جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سندس خلاف استحاق واري رٿ آڻڻجو ڪوبه جواز نه آهي. شرجيل ميمڻ جو اهو به چوڻ هو ته سرڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن پاران لڳيايل رنڊڪون پار ڪندڙن کي حملو ئي چئبو آهي، سرڪار نٿي چاهي ته ڪنهن جي به خلاف بنا جواز ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *