
نوابشاھ(ڊ.رآ) سنڌ جي وڏي وزيرسيدقائم علي شاھ اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرحوم رهنما امدادعلي ڌامراھ جي وفات تي ان جي پوئينرن سان تعزيت لاءِ نوابشاھ پهچي امدادعلي ڌامرا جي ڀاءُ ممتازعلي ڌامرا ۽ ڀائيٽئي سينيٽرعاجزڌامرا سان افسوس جو اظهار ڪندي چيوته امدادعلي ڌامرا جي وفات تي مونکي دلي صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي وزيراعلى چيوته مرحوم جون پارٽي لاءِ وڏيون خدمتون رهيون آهن ۽ ان جي وفات سان پيدا ٿيڻ وارو خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي. ان موقع تي صوبائي وزيرسيدناصر حسين شاھ، ميمبرصوبائي اسيمبلي سليم رضا جلباڻي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد بينظيرآباد ضلع جو اڳوڻوصدر علي اڪبرجمالي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ موجود هئا.