وڏن وڏن آمرن جو مقابلو ڪيو، ثابت ٿي ويو ته ملڪ ۾ انڌي منڊي جمهوريت به بهتر آهي: خواجه سعد رفيق

لاهور (بيورو) سعد رفيق چيو آهي ته هنن وڏن وڏن آمرن جو مقابلو ڪيو، اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ملڪ ۾ انڌي منڊي جمهوريت به بهتر آهي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته هنن وڏن وڏن آمرن جو مقابلو ڪيو، اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ملڪ ۾ انڌي منڊي جمهوريت به بهتر آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته ملڪ مان جمهوريت وئي ته ملڪ ۾ ڏنڊي واري سرڪار هوندي. هن چيو ته مايوس ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اهي ڏينهن پري ناهن جڏهن ڀارت کان ڪمشير حاصل ڪري پاڪستان جو حصو بڻايو ويندو. خواجه سعد رفيق چيو ته ملڪ مان دهشتگردي سميت سمورن بحرانن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ملڪ کي ترقي کي راهه ڏانهن گامزن ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته هو حڪومت تي هاڪاري تنقيد جي هو آجيان ڪندا پر ناڪاري تنقيد مناسب نه آهي، ذاتي مفاد وساري ملڪ جي خدمت ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *