وڌيڪ 4 دهشتگرد ڦاهي چڙهي ويا، قوم متحد ٿي چڪي آهي، دهشتگردن کان خوفزده نه ٿينداسين: نواز شريف

لاهور/فيصل آباد(م.ڊ) فيصل آباد ڊسٽرڪٽ جيل ۾ پرويز مشرف تي حملي ۾ ملوث 4 جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي آهي فيصل آباد ڊسٽرڪٽ جيل ۾ جن 4 دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي انهن ۾ اخلاص احمد عرف روسي، غلام سرور، زبير احمد ۽ راشد محمود عرف ٽيپو شامل آهن چئن ئي جوابدارن کي اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي الزام ۾ ڦاهي جي سزا ڏني وئي هئي، ڊيٿ وارنٽ ملڻ کانپوءِ چئن ئي جوابدارن جي انهن جي وارثن سان ملاقات به ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ انهن کي ڦاهي گهاٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي ڊڪٽر انهن جو آخري ڀيرو معائنو ڪيو جنهن کانپوءِ انهن کي 3 لڳي 35 منٽن تي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، ٻئي طرف جيل جي آس پاس سيڪيورٽي انتهائي سخت آهي ۽ جيل ويندڙ سمورن رستن تي هر قسم جي آمدرفت لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي، ڪجهه دير کانپوءِ دهشتگردن جون ميتون وارثن حوالي ڪيون وينديون، ياد رهي ته 2 ڏينهن پهريان به جي ايڇ ڪيو تي حملي جي جوابدار محمد عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي جوابدار ارشد محمود کي به فيصل آباد جيل ۾ ئي ڦاهي ڏني وئي هئي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪثر نه ڇڏينداسين، پشاور سانحو وڏو امتحان آهي، قوم هن ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي کان ڪڏهن به خوفزده نه ٿيندو، آپريشن ضرب عضب جا مثبت نتيجا نڪتا آهن، دهشتگردن کان پاڪ سرزمين کي صاف ڪنداسين، ان لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. اهڙين خيالن جو اظهار هن آچر تي جاتي امراه ۾ محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي دهشتگردن کي ڦاهي تي چاڙهڻ جي فيصلي بعد سيڪيورٽي انتظامن سميت ملڪ جي جملي معاملن تي خيالن جي ڏي و ٺ ڪئي وئي، پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف کي جيلن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان به تفصيلي آگاهه ڪيو، وزيراعظم واضح ڪيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي جنهن ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪوتاهي نه ڪئي ويندي، هن چيو ته دهشتگردن لاءِ پاڪ سرزمين تي ڪائي پناهه نه آهي، آپريشن ضرب عضب جا مثبت نتيجا نڪتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *