وڌيڪ شعبن جي نشاندهي ڪري اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي: نواز شريف

نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف پاڪ چين گڏيل ڪاوشن جي ايف 17 ٿنڊر جهازن سميت سنيگال کي دفاعي سامان وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ شعبن جي نساندهي ڪري اڳيان وڌڻ جي/ضرورت آهي گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد نوازشريف سنيگال جي صدر ميڪيسال سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي غور ڪيو ويو وزيراعظم ان موقعي تي ترقي پذير ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ تعمير ۽ ترقي تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي وزن کان آگاهه ڪيو هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن جنهن لاءِ وڌيڪ شعبن جي نشاندهي ڪري اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي وزيراعظم پاڪ چائنا جي گڏيل ڪاوش جي ايف 17 ٿنڊر جهازن سميت سينگال کي دفاعي سازوسامان وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي سينگال جي صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ مسلمانن ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ پاڪستان جي ترقي آفريڪي ملڪن لاءِ روڊ ماڊل جي حيثيت رکي ٿي. ان هر سطح تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي جو اظهار ڪيو ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال سميت ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف امڪانن تي غور ڪيو. دوري ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي 70هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ جيوان هاءِ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارتي لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد نوازشريف ڏکڻ ڪوريا سان آزاداڻي واپار جي معاهدن جي تجويز پيش ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا پاران وڌيڪ سيڙپڪاري کي ڀليڪار چوندو. هن چيو ته بجلي جي پيداوار حڪومت جي ترجيحي آهي ان ڏس ۾ ڏکڻ ڪوريا جون ڪمپنيون ڀرپور حصو وٺي سگهن ٿيون. هن پاڪستان جي دوري لاءِ وزيراعظم نوازشريف جي دعوت پڻ قبول ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊيمن جي اڏاوت لاءِ عالمي بئنڪ کان مالي مدد گهري آهي، هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي صدر جم يونگ ڪم سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 70 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران چئي. وزيراعظم گذريل سالن ۾ خاص طور تي بنيادي ڍانچي جي ترقي، توانائي، پاڻي ۽ سماجي شعبن ۾ پاڪستان لاءِ عالمي بئنڪ جي مالي مدد ۽ فني مدد تي ٿورا مڃيا. عالمي بئنڪ جي صدر موجوده حڪومت جي اثرائتين مالياتي پاليسين جي ڪري پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ بهتري جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان جي متاثر ڪندڙ واڌ ويجهه کي هر ڪنهن نوٽ ڪيو آهي، ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار سرتاج عزيز، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي رهنمائي ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *