وڌنڌڙ آباديءَ کي نه روڪيو ويو ته صحت، تعليم ۽ غربت جي حوالي سان خراب اثر مرتب ٿيندا: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 51.2 بلين ارب رپين جي لاڳت سان بهبود آبادي جي پنج سالن جي پروگرام جي شروعات ڪندي چيو ته جيڪڏهن وڌنڌڙ آباديءَ کي نه روڪيو ويو ته سماجي بهبودآبادي تي صحت، تعليم ۽ غربت جي حوالي سان خراب اثر مرتب ٿيندا. اهڙي ڳالهه انهن اڄ بهبود آبادي سان لاڳاپيل ڪاسٽينڊ امپليمينٽيشن پلان (سي آءِ پي) جي وزير اعليٰ هائوس ۾ لانجنگ تقريب کي خطاب ڪئي. تقريب ۾ ايم اين اي عذرا پيچوهو، شهناز وزير علي، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سيڪريٽري هيلٿ سعيد مڱڻيجو، سيڪريٽري بهبود آبادي سليم رضا کهڙو، سي آءِ پي ٽيم جو اڳواڻ ڊاڪٽر طالب لاشاري ۽ بل اينڊ ميلينڊ اگيٽس فائونڊيشن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آبادي ۾ غير ضروري واڌ سان سماجي ترقي ۽ خوشحاليءَ بري طرح متاثر ٿئي ٿي تنهن ڪري سنڌ سرڪار فيملي پلاننگ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي، ان کان سواءِ فيملي پلاننگ جي منصوبي ڪاسٽينڊ امپليمينٽيشن پلان (سي آءِ پي) جي آغاز سان سنڌ ۾ وڌيڪ بهتر نتيجا سامهون ايندا. سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر سليم رضا کهڙي اجلاس کي ٻڌايو ته سماجي گهٽ ترقي وارن 187 ملڪن ۾ پاڪستان 146هين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ آبادي 2 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي جيڪڏهن آبادي جي واڌ ان رفتار سان جاري رهي ته 2020ع تائين سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ ٿي ويندي. سنڌ صوبي بابت ڪجهه اهم نڪات بابت ٻڌائيندي هن چيو ته هن وقت مجموعي فريٽاليٽي جي شرح (ٽي ايف آر) 3.9 سيڪڙوآهي، جڏهن ته 1990-91۾ 5.1 هئي ۽ 2001ع ۾ ان جو اندازو 4.8 سيڪڙو هيو. ان طرح ڪنٽرا  سيپٽيو پري ويلنس ريٽ (سي پي آر) 24.3 سيڪڙو جڏهن ته 1990ع ۾ اهو 9.1 سيڪڙو هو. ۽ 2001ع ۾ 20.2 سيڪڙو هو. سي آءِ پي ٽيم اڳواڻ ڊڪٽر طالب لاشاريءَ پاڪستان جي ڊيموگرافڪ هيلٿ سروي (پي ڊي ايڇ ايس) جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته 1990ع ۾ وومين وانٽ نومور برٿس (ڊبليو ڊبليو اين بي) جي شرح 35.8 سيڪڙو هئي ۽ جڏهن ته 2012-13ع ۾ اها وڌي 51.2 سيڪڙو ٿي وئي. ان طرح 1990ع ۾ ان ميٽ نيڊ فار ڪنٽرا سيپٽيو جي شرح 23.9 سيڪڙو هئي ۽ هاڻ گهٽ ٿي 20.8 سيڪڙو ٿي وئي آهي. 2020ع تائين سي آءِ پي جا هدفن ۽ مقصدن بابت ٻڌائيندي طالب لاشاريءَ چيو ته سي پي آر ۾ 30 کان 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ان ميٽ نيڊ فار فيملي پلاننگ 21 سيڪڙو کان 14 سيڪڙو ۽ ڪنٽرا سيپٽيو ڪموڊيٽي سيڪيورٽي 80 سيڪڙو ٿي ويندي؛ سمورن پبلڪ سيڪٽر جي آئوٽ ليٽس ۾ 2018ع تائين. سنڌ جي وڏي وزير ڊونر ايجنسيءَ جي جذبي ۽ ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي بهبود آبادي کاتي تي زور ڀريو ته اهي پريزينٽيشن ۾ بيان ڪيل هدف جي حصول کي يقيني بڻائن. انهيءَ کان پوءِ هن سي پي آءِ جي ڪاغذات جي رونمائي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *