وڌندڙ عمر انسان کي باوقار بڻائي ٿي: ڪرينا ڪپور

نئين دلي(شوبز نيوز)ڪرينا ڪپور نئين دلي ۾ هڪ برانڊ جي اشتهاري تقريب دوران ڳالهائيندي چيو ته وڌندڙ عمر سان گڏ ماڻهو جي ذهانت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو آهي ڀارتي ميڊيا مطابق خوبصورت اداڪاره جو چوڻ آهي ته مان 34سالن جي آهيان ۽ مان پنهنجي حقيقي عمر جيتري ئي نظر اچڻ پسند ڪندي آهيان مان ان ڳالهه جي خواهشمند نه آهيان ته 18 يا 22 سالن جي نظر اچان ڪرينا ڪپور بالي ووڊ جي حسين ۽ باصلاحيت اداڪاره مڃي ويندي آهي ڪڀي خوشي ڪڀي غم، جب وي ميٽ، ٿري ايڊيٽس ۽ اوم ڪارا جهڙن فلمن ۾ ڪرينا پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *