ويڳي ماءُ بابا جو مڙهه بنا ٻڌائڻ جي اسپتال مان کڻي وئي: اداڪار عابد علي جي ڌيءُ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ليجنڊ اداڪار عابد علي جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان گڏ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو سوڳوار آهن. عابد علي ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد رات دير سان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. عابد علي جي ڪُٽنب طرفان لاڏاڻي جي تصديق ڪندي سندس مغرفت لاءِ دعا جي اپيل ڪئي وئي هئي.والد جي لاڏاڻي تي بيحال ڌيءُ جو وڊيو بياناداڪار عابد علي جي بيحال ڌيءُ رحمه علي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هُن روئندي پنهنجي ويڳي ماءُ اداڪاره رابعه نورين تي الزام هنيو ۽ چيو ته ويڳي ماءُ اجازت کانسواءِ اسپتال مان بابا جو مڙهه کڻي وئي آهي. وڊيو بيان ۾ رحمه علي چيو ته هو، والده، پڦين ۽ ڀيڻين سان گڏ جڏهن اسپتال ويئي ته پتو پيو ته ويڳي والده سندس مڙهه کڻي ويئي آهي. کين خبر به نه آهي ته والد جو مڙهه ڪيڏانهن نيو ويو آهي، اهو به نه ٻڌايو ويو آهي ته جنازي نماز ڪڏهن ۽ ڪٿي ادا ڪئي ويندي.رحمه علي طرفان بعد ۾ وڊيو بيان هٽايو ويورحمه علي ٿوري دير کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجو وڊيو بيان هٽائي ڇڏيو ۽ اُن جي وضاحت به ڪئي. هُن لکيو ته عارضي طور تي وڊيو پوسٽ کي هٽايو ويو آهي، ڪجهه ماڻهو اُن تي بيهوده ڪمينٽس ڪري رهيا هئا، کين شرم اچڻ گهرجي. رحمه علي وڌيڪ لکيو ته شيون جلد وائکيون ٿي وينديون.عابد علي جي وڏي ڌيءُ جو بيان ٻئي پاسي اداڪار عابد علي جي وڏي ڌيءُ ايمان علي سوشل ميڊيا تي پوسٽ جاري ڪندي آگاهه ته سندس والد جي جنازي نماز جمعي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.واضح رهي ته ليجنڊ اداڪار عابد علي پهرين شادي اداڪاره حميرا علي سان ڪئي هئي، اُن مان کيس 3 ڌيئرون هيون، جن جا نالا مريم علي، ايمان علي ۽ رحمه علي آهن. جڏهن ته اداڪار عابد علي 2006ع ۾ ٻي شادي اداڪاره رابعه نورين سان ڪئي، ان کانپوءِ اداڪار عابد علي ۽ پهرين زال اداڪاره حميرا علي ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *