ويڪسين استعمال ڪندڙ ماڻهو به فيس ماسڪ جو استعمال نه ڇڏين: دبليو ايڇ او

نيويارڪ (اين اين آءِ) ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته ماڻهن کي فيس ماسڪ جو استعمال ۽ ٻين احتياطي اپائن تي عمل نه ڇڏڻو آهي ته جيئن ڪرونا وائرس کي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي ميڊيا رپورٽ موجب ڊبليو ايڇ او جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر مارينه گيلاسيمو چيو آهي ته ماڻهو رڳو ويڪسين جي ٻن خوراڪن جي استعمال سان محفوظ نٿا ٿي سگهن کين اڃا تائين پنهنجي تحفظ جي ضرورت آهي هن چيو ته صرف ويڪسين سان برادري جي سطح تي وائرس جي پکڙجڻ کي نٿو روڪي سگهجي ماڻهن کي گهر کان ٻاهر فيس ماسڪ جو استعمال جاري رکڻ گهرجي هٿن جي صفائي، سماجي وٿي ۽ ميڙ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هي هن وقت ضروري آهي، ڇو ته جڏهن برادري جي سطح تي وائرس پکڙجي رهيو هجي پوءِ ڀلي اوهان جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي آمريڪا ۾ مئي ۾ سينٽرز فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريونٽيشن اپ ڊيٽ گائيٽ لائين ۾ چيو هو ته مڪمل ويڪسينيشن کان پوءِ ماڻهن لاءِ گهر کان ٻاهر يا چار ديواري اندر ماسڪ پائڻ جي ضرورت نه اهي ڀارت ۾ سڀ کان پهريان لڌي ويندڙ ڪرونا جي قسم ڊيلٽا هاڻي ٻين ملڪن ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي ماهرن مطابق وائرس جو هي قسم اهڙن علائقن ۾ تيزي پکڙجي سگهي ٿو جتي ويڪسينيشن جي شرح گهٽ آهي هي نئون قسم ٻين قسمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان پکڙجندڙ قرار ڏنو پيو وڃي پر وڌيڪ ويڪسيِشن وارا ملڪ جهڙوڪ اسرائيل ۾ به ان سان متاثر ماڻهن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي ڊيلٽا قسم ايلفا جي ڀيٽ ۾ ظاهر ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ متعدي آهي جيڪو پهريان ئي ٻين اورجنل وائرس جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ متعدي قرار ڏنو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *