ويڇا وڌائڻ سان ڪجهه نه ورندو، سنڌ جي ورهاڱي تي بحث يا ڳالهيون نه ٿيديون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماضي ۾ هميشه سنڌ سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچي ان جو ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جو واضح موقف آهي ته اسان ڪنهن صورت سنڌ جي ورهاست کي قبول نه ڪنداسين. سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي جا مسئلا ڪجهه سالن جا ناهن ۽ انهن کي هڪ رات ۾ حل نٿو ڪري سگهجي. سموريون سياسي جماعتون جيڪڏهن سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ سنجيده آهن ته انهن لاءِ ڳالهين کان علاوه ٻيو ڪو رستو نه آهي. ملڪ کي هن وقت مختلف چئلينجز سامهون آهن ان لاءِ سمورين سياسي جماعتن کي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪندي مفاهمت جي سياست کي اپنائڻو پوندو. هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شرجيل انجام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سموريون سياسي جماعتون گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته 18 آڪٽوبر جي ڪراچي واري جلسي ۾ اسان جي چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين صاف پيغام ڏنو ته اچو ۽ ماضي جي تلخين کي وساري اڳتي وڌون. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته سموريون سياسي جماعتون بشمول ايم ڪيو ايم اسان جي ان آفر کي مثبت انداز ۾ ڏسندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته عوام جي راءِ ڪنهن به سياسي جماعت لاءِ چونڊن ۾ معلوم ٿئي ٿي. هن چيو ته عوام ڪارڪردگي ڏسي ٿو. حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳوڻن 5 سالن ۽ هن هڪ سال جي دور حڪومت ۾ گراس روٽس تي ڪم ٿيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ ذريعي لکين عورتن کي ماهوار ڪروڙين رپين جي مدد جاري آهي. صوبي ۾ رستن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين کان علاوه پوئتي پيل علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽس ۽ هاڻ ڊي سيلينيش پلاٽنس لڳايا ويا آهن ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ بجلي بجاءِ هاڻ سولر انرجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ماضي ۾ سنڌ سان زيادتيون ڪيون ويون. هن ملڪ ۾ گهڻو ڪري آمرن جي حڪومت رهي ۽ سنڌ جي حقن تي قبضو ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ صرف 3 سالن تائين ته سنڌ حڪومت ٻوڏن ۽ برساتن جي تباهڪارين جو مقابلو ڪيو ۽ ان کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ۾ عوام هڪ ڀيرو وري پيپلز پارٽي کي چونڊيو. هن چيو ته هن وقت ملڪ ڪنهن به تلخين جو متحمل نٿو ٿي سگهي. اسان جي اعليٰ قيادت پاران هميشه اسان کي مفاهمت جو درس ڏنو ويو آهي ۽ اڄ به اسان ڪنهن جي تلخ جملن جو تلخي سان جواب نه پيا ڏيون، بلڪ اسان ماضي جي تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ ۽ ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته اڄ اسان جا لکين آئي ڊي پيز ۽ پنجاب ۾ لکن جي تعداد ۾ ٻوڏ متاثر اسان جي امداد جا متنظر آهن ته اسان جي پاڪ فوج دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڌرڻن جي سياست سياسي عدم استحڪام جهڙن چئيلينجن کي به اسان منهن ڏئي رهيا آهيون. انهن سمورن مسئلن کي ڏسندي هاڻ اسان کي سنجيده ٿي هن ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو. سنڌ جي ورهاست ۽ نون صوبن جي سوال تي هن چيو ته پيپلز پارٽي جو ان تي چٽو موقف آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪنهن قسم جي ورهاست کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪندي. اي آر وائي تي لڳل پابندي جي سوال تي صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ اسان اي آر وائي تي پابندي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *