وينا ملڪ مڙس اسد خٽڪ کي تحريڪ انصاف لاءِ نئون ڪلام ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار وينا ملڪ پنهنجي مڙس اسد خٽڪ کي تحريڪ انصاف لاءِ نئون ڪلام ٺاهڻ کان روڪيندي چيو آهي ته جيستائين پي ٽي آءِ ۾ ڪلچرل ونگ نه ٺهندي، اسد ڪوبه نئون گانو نه ٺاهيندو ، وينا ملڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان پارٽي ۾ ڪلچرل ونگ ٺاهي ٿو ته هو پنهنجون خدمتون مفت ۾ ڏيندا ۽ پارٽي لاءِ فري لانس ڪم ڪندا ، سندس چوڻ هو ته ڪلچرل ونگ جي ذميواري کيس ڏني وڃي ته جئين هوءِ ان بابت معاملن کي سرانجام ڏئي سگهي ، وينا ملڪ عمران خان کي مشورو ڌنو ته هوءَ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي ، ابرارالحق ، ملڪو ۽ حمزه علي عباسي  کي به ڪلچرل  ونگ جو حصو بڻائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *