
جميڪا (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم کي وڌو ڌڪ لڳو آهي ۽ اها ورلڊ ڪپ ۾ بهترين آل رائونڊر آندري رسل جي خدمتن/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01
کان محروم ٿي وئي آهي.آندري رسل گوڏي جي انجريءَ جو شڪار ٿيو هو، جنهن جي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.ويسٽ انڊين ٽيم آندري رسل جي جاءِ تي سنيل امبريس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.آندري رسل پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ سبب شهرت رکي ٿو ۽ سندس ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ ويسٽ انڊين ٽيم لاءِ وڏو ڌڪ آهي.واضح رهي ته سنيل امبريس گذريل مهيني آئرلينڊ خلاف 148 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.