ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان ۾ 4 ٽي-20 ڪرڪيٽ جي مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 26 مارچ تي کيڏي ويندي

بارباڊوس (اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ 4 ٽي-20 مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مئچ 26 مارچ تي بارباڊوز جي هنڌ تي کيڏي ويندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري دوران 4 ٽي-20 3 ون ڊي ٽي ٽيسٽ مئچن جي سيريز کيڏندي ٽي-20 سيريز جي ٻي مئچ 30 مارچ تي پورٽ آف اسپين ٽرينيڊاڊ جي هنڌ تي کيڏي ويندي ٽين مئچ پهرين اپريل تي ساڳي ئي هنڌ تي کيڏي ويندي ۽ چوٿين مئچ 2 اپريل تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن ۾ ون ڊي سيريز مئچ 7 اپريل تي کيڏي ويندي ٻي ون ڊي مئچ 9 اپريل تي گيانا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري مئچ 11 اپريل تي ساڳئي ئي هنڌ تي کيڏي ويندي. ٽن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 22 اپريل تي جميڪا ۾ شروع ٿيندي ٻي ٽيسٽ مئچ 30 اپريل ٽين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ 10 مئي کان ڊومينڪا ۾ شروع ٿيندي. ويسٽ انڊيز جي لاءِ ٽي-20 ۽ ون ڊي ٽيمن جي ڪپتاني سرفراز احمد ڪندو. جڏهن ته ٽيسٽ جي ٽيم جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو جنهن جي ڪپتاني مصباح الحق ڪندو ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندڙ 15 رڪني ٽي-20 ٽيم ۾ احمد شهزاد ڪامران اڪمل محمد حفيظ بابر اعظم شعيب ملڪ فخرالزمان سرفراز احمد عماد وسيم شهداد خان محمد نواز حسن علي سهيل تنوير وهاب رياض رومان رئيس ۽ عثمان خان شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *