ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ دنيا جي مختلف گرائونڊز تي ٿيندڙ ٽي 20 ميچز ۾ کٽڻ جي حوالي سان ڪاري آنڌي اڳتي

لاهور(اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ دنيا جي مختلف گرائونڊز تي ٿيندڙ ٽي 20 ميچز ۾ کٽڻ جي حوالي سان ويسٽ انڊيز جي ٽيم جا چانس وڌيڪ آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2007ع کان 2016ع تائين 13 ٽي 20 ميچز کيڏيا ويا، جنهن ۾ انگيلنڊ جي ٽيم چئن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 9 ۾ شڪست ٿي. ڀارت جي سرزمين تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ صرف هڪ ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي. انگلينڊ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 6 ٽي 20 ميچز ٿيا جنهن ۾ انگلينڊ جي ٽيم 3 کٽيا ۽ 4 هاريا. واضح رهي ته انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل ميچ 3 اپريل تي ايڊن گارڊن ڪلڪته ۾ پاڪستاني وقت مطابق شام ساڍي ڇهي وڳي کيڏيو ويندو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڀارت کي سيمي فائنل ۾ 7 وڪيٽن تائين هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. جڏهن ته انگلينڊ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي سيمي فائنل ۾7 وڪيٽن تان هارايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *