ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهتي خميس تي مهمان ٽيم دبئي رستي ڪراچي پهتي ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا مقامي هوٽل اچڻ تي ڪووڊ 19 ٽيسٽ کان پوءِ رانديگر ۽ آفيشلز هڪ ڏينهن لاءِ قرنطينه ڪندا جمعي تي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پهرين پريڪٽس سيشن ٿيندو سيريز 13 کان 22 ڊسمبر نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. 3 ٽي-20 مئچون ۽ ايتريون ئي آئي سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ مئچون ٿينديون ٽي-20 سيريز ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي قيادت نڪولس پوران ڪندو جڏهن ته ون ڊي مئچز ۾ شائي هوپ ڪپتان جي ذميواري ادا ڪندو، ڪيرون اولاڊ زخمي هئڻ سبب سيريز تان هٿ کڻي ويو هو ٽي-20 ۾ ان جي جڳهه رومان پاول ۽ ون ڊي ۾ ڊيورنڊ ٿامس کي شامل ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *