ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عمر اڪمل ۽ اسد شفيق جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته ٽيم جي اڳواڻي اظهر علي ڪندو. ٻين رانديگرن ۾ شعيب ملڪ، شرجيل خان، بابر اعظم، سرفراز احمد، محمد رضوان، محمد نواز، عماد وسيم، ياسر شاهه، سهيل خان، راحت علي، محمد عامر، وهاب رياض ۽ حسن علي شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 30 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *