ويرات ڪوهلي جهڙو ڪرڪيٽر بڻجڻ چاهيان ٿو: بابر اعظم

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين ۽ ڪراچي ڪنگز جي رانديگر بابر اعظم چيو آهي ته ويرات ڪوهلي هڪ وڏو ۽ تجربيڪار رانديگر آهي هميشه ان کي فالو ڪندو آيو آهيان، ڪوهلي جهڙو ڪرڪيٽر بڻجڻ جي خواهش آهي.بابر اعظم جو چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي بهترين ڪرڪيٽر آهي، ان جهڙو رانديگر بڻجي نه ٿو سگهان پر ڪوشش ڪندو آهيان، ماڻهن جي تنقيد پنهنجي جاءِ تي منهنجي پوري توجهه ڪرڪيٽ تي آهي.هن چيو ته بهترين پرفارمنس ڏيڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهيان، پي ايس ايل ۾ اعليٰ ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اهم ڳالهه فٽنيس جي آهي جيترو فٽ رهنداسين ايتري سٺي فيلڊنگ ۽ بيٽنگ رهندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *