وياجي نظام معاشي دهشتگردي آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ وياج جو ڳٺ جوڙ آهي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته وياج کي ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وياجي نظام جو خاتمو آئين جي تقاضا آهي، اهو نظام يهودين جو تحفو آهي، وياجي نظام ۾ رهندي ترقي ۽ خوشحالي نٿي اچي سگهي، ان نظام اسان جي معاشي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي شرعي عدالت ۾ ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وياج جو خاتمو آئيني گهرج آهي، ان معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته وفاقي شرعي عدالت حڪومت کي وياجي ڪاروبار بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو ان ڪري وياج ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي شرعي عدالت هڪ معتبر ادارو آهي ۽ وياج جي خلاف ان عدالت جو 1991 جو فيصلو آئيني هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *