وويمنز رينڪنگ ۾ ثناءَ مير ٽاپ 10 بالرن ۾ شامل ٿي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان هڪ پوائنٽ جي واڌاري سان به ستين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته بالنگ ۾ ثناءَ مير ٽاپ 10 ۾ شامل ٿي وئي. آئي سي سي وويمنز ون ڊي رينڪنگ بالنگ ۾ آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير سيريز ۾ 7 وڪيٽون حاصل ڪندي 8 درجي جي ٽپي سان گڏ ستين پوزيشن تي اچي وئي ان کان سواءِ ڪو ٻيو پاڪستاني بالر  ٽاپ 10 ۾ شامل ناهي. سعديا يوسف 8 درجا بهتري سان 17هين پوزيشن تي اچي وئي. ماريزاني ڪيپ پڻ ٽاپ تي موجود آهي. جهولان گوسوامي، اسٽيفني ٽيلر، ميگن شيٽ، جيس جوناسن، آنيا شربسول، ثناءَ مير، ايابونگا کاڪا، ڊي وين نيڪرڪ ۽ شبنم اسماعيل ترتيبوار واضع پوزيشنن تي موجود آهن جڏهن ته آل رائونڊرن ۾ اليسي پيري پهرين نمبر تي آهي. پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ  وچ ۾ 3 ميچن جي ون ڊي سيريز بعد نئي ون ڊي رينڪنگ هلائي وئي آهي. آسٽريليا ٽيم 129 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي آهي. انگلينڊ 127 پوائنٽن سان ٻئين نمبر تي آهي. پاڪستان هٿان ٽين ون ڊي ۾ شڪست تي نيوزي لينڊ جي 2 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 116 پوائنٽون ٿي ويون. ڀارتي ٽيم جون به ايتريون ئي پوائنٽون آهن تنهن هوندي اعشارين جي فرق سان نيوزي لينڊ ٽئين ۽ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي. ويسٽ انڊيز 103 پوائنٽن سان پنجين، ڏکڻ آفريقا 93 پوائنٽن سان ڇهين جڏهن ته پاڪستان هڪ پوائنٽ جي واڌ سان 73 پوائنٽن سان ستين نمبب تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *