وومين ڪرڪيٽ جي بهتري ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس : ثناءَ مير

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير ڀارت خلاف ون ڊي ميچن جي بيچيني سان منتظر آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ جي ويب سائيٽ سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ ثناءَ مير چيو ته آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ڪميٽي جو حصو بڻجڻ پاڪستان ۽ منهنجي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، وومين ڪرڪيٽ جي بهتري ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس.ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪار ڪندڙ اسپنر چيو ته ٻين ملڪن ۾ تيزي سان وومينز ڪرڪيٽ مقبول ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ ان لاءِ گراس روڊ ليول تي ڪم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي، عورتن جون ميچون لائيو ڏيکارڻ ۽ ڪرڪيٽرن جي معاوضون ۾ واڌ ڪرڻي پوندي.ثناءَ مير چيو ته 13 سالن ۾ ون ڊي ۽ ٽي ُٽوئنٽي جي 100 کان وڌيڪ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ڪيو، خواهش آهي ته ملڪ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ پڻ کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديس، هن وقت صرف 3 ملڪن جون ٽيمون ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيون آهن ان تعداد کي وڌڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *