
دبئي + لاهور (اسپورٽس نيوز) تازو مين ۽ وومين ٽي ٽوئنٽي ميگا ايونٽن کان پوءِ آءِ سي سي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي اليون جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت مردن جي ٽيم ۾ ته ڪو به پاڪستاني رانديگر جڳهه ناهي ٺاهي سگهيو پر عورتن جي ٽيم ۾ پاڪستاني رانديگرياڻي انعم امين کي شامل ڪيو ويو آهي. عورتن جي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي اليون جي اڳواڻي ويسٽ انڊيز جي ڪپتان اسٽيفني ٽيلر حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرياڻين ۾ نيوزيلينڊ جون 4، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون 2-2، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي هڪ، هڪ رانديگرياڻي شامل آهي. وومين ورلڊ ٽي ٽوئنٽي اليون ۾ ڀارت جي ڪنهن به رانديگرياڻي کي شامل ناهي ڪيو ويو.