وومينز ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اڄ آرام جو ڏينهن، سڀاڻي 2 ميچون کيڏيون وينديون

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) جمعي واري ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي. ميگاوا يونٽ ۾ سڀاڻي 2 ميچون کيڏيون وينديون. ڀارت ۾ جاري ميگا ايونٽ ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي. گروپ اي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ فيروز شاهه ڪوٽلا ۾ کيڏيو ويندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق ڏينهن جو 3 وڳي شروع ٿيندو. ٻي ميچ به گروپ ۾ شامل ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم بنگلور ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ پاڪستاني وقت مطابق رات ستين وڳي شروع ٿيندي. واضح رهي ته ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 30 مارچ تي فيروز شاهه ڪوٽلا نئين دهليءَ ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو سيمي فائنل ميچ 31 مارچ تي اينڪهيڊ اسٽيڊيم ممبئي ۾ کيڏيو ويندو. جڏهن ته فائنل 3 اپريل تي ايڊن گارڊن ڪولڪته ۾ کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *