وومينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ اڄ کان ڀارت ۾ شروع، آسٽريليا لاڳيتو چوٿون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ لاءِ پرعزم

بنگلور:آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي -20 جي باقاعده شروعات سڀاڻي  کان ٿيندي، آسٽريلوي ٽيم مسلسل ٽي ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي ۽ چوٿون ڀيرو ٽائيٽل جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ٽورنامينٽ جي افتتاحي ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ ميزبان ڀارت ۽ بنگلاديش، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستاني وومين ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات 16 مارچ تي ويسٽ انڊيز خلاف گروپ ميچ سان ڪندي، پنجين وومينز ورلڊ ٽي -20 ۾ 10 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون، انهن ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا، آئرلينڊ ،جڏهن ته گروپ بي ۾ ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز شامل آهن، ٽورنامينٽ جي پهرين ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ گروپ بي جي ٽيمن ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم بنگلور ۾ ٿيندي، ٻي ميچ ۾ گروپ اي جون ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا فيروز شاهه ڪوٽله دهلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستان وومين پنهنجي پهرين گروپ ميچ 16 مارچ تي ويسٽ انڊيز خلاف چنائي ۾ کيڏندي، ٻي ميچ 19 مارچ تي روپايتي مخالف ڀارت خلاف دهلي، ٽين ميچ 24 مارچ تي بنگلاديش، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ 27 مارچ تي انگلينڊ خلاف کيڏندي، ٻنهي گروپن مان 2-2 ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، پهريون سيمي فائنل 30 مارچ، ٻيو 31 مارچ ،جڏهن ته فائنل 3 اپريل تي کيڏيو ويندو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *