وومينز ورلڊ ٽي- 20 ڪپ: پاڪستاني ٽيم کي سيمي فائنل تائين پهچڻ لاءِ (سڀاڻي) انگلينڊ سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو

چنائي(اسپورٽس نيوز)  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي- 20 ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي چوٿين ۽ آخري ميچ (سڀاڻي) آچر تي کيڏندي. پاڪستاني ٽيم کي سيمي فائنل تائين پهچڻ لاءِ انگلينڊ جو چئلينج درپيش هوندو، گرين شرٽس روايتي حريف ڀارت ۽ بنگلاديش کي شڪست ڏئي 2 ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. شروعاتي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم کي ويسٽ انڊيز هٿان شڪست ملي هئي. ٻئي پاسي انگلينڊ جي ٽيم لڳاتار 3 ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. لڳاتار ٻن ڪاميابين کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جا حوصلا بلند آهن ۽ اها آخري ميچ ۾ هاڻي انگينڊ جي ٽيم جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٻنهي ٽيمن جي موجوده فارم ۽ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي آخري گروپ ميچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *