وهاب رياض هلندڙ سال هيل تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ گڏيل طور ٽيون  بالر بڻجي ويو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جو مشهور آل رائونڊر وهاب رياض هلندڙ سال هيل تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ گڏيل طور ٽيون  بالر بڻجي ويو. هن زمبابوي خلاف ٻين ون ڊي ۾ 2 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ جي ڪوري اينڊرس جي برابر ٿي ويو، ٻنهي هيل تائين 25، 25 وڪيٽون ورتيون آهن. وهاب رياض 12 ميچن ۾ 25 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اينڊرسن 17 ميچن ۾  25 وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا جو مچل اسٽارڪ 34 وڪيٽون وٺي پهرين نمبر تي آهي. نيوزي لينڊ جو ٽرينٽ بولٽ 15 ميچون کيڏي 30 وڪيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *