ونٽر اولمپڪس جي پڄاڻيءَ واري تقريب آچر تي ٿيندي، ايوانڪا ٽرمپ خاص مهمان هوندي

 

سيئول(اسپورٽس نيوز) اتر ڪوريا جو وفد ونٽر اولمپڪس جي پڄاڻيءَ واري تقريب پنهنجو اعليٰ سطحي وفد موڪليندو.ڏکڻ ڪوريا جي وزارت موجب اتر ڪوريا طرفان اطلاع ڏنو ويو آهي ته هو ونٽر اولمپڪس جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ پنهنجو اعليٰ سطحي وفد موڪليندو. ڪورين ورڪرز پارٽي جي نائب چيئرمين ڪم يونگ چول جي قيادت ۾ 8 ميمبرن وارو وفد آچر تائين 3 ڏينهن جي دؤري لاءِ زميني رستي ڏکڻ ڪوريا پهچندو. واضح رهي ته ڪم يونگ چونگ ڏکڻ ڪوريا سان بين الڪوريائي معاملن بابت شعبي جو سربراهه پڻ آهي.ونٽر اولمپڪس جي پڄاڻي واري تقريب ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ٽرمپ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *