وقت کان اڳ چونڊون،  ڌانڌلي جي شروعات ٿي چڪي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جو بحث ٿيندو رهي ٿو ۽ ان جي شروعات ٿي چڪي آهي هر ڳالهه تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ٿو جڏهن مسلم ليگ _(ن) جي ماڻهن کي ٻين جماعتن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته نوٽيس ناهي هوندو تبديلي کي ڪوئي روڪي نٿو سگهي تبديلي ضرور هوندي جيڪا ملڪ لاءِ اڻٽر آهي اربع تي احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران نوازشريف چيو ته چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي شروعات کان ان کان وقت کان ٿي جڏهن مون کي مسلم ليگ (ن) جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ مون کي سڄي زندگي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هر ڳالهه تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ٿو جڌڏهن مسلم ليگ جي ماڻهن کي ٻين جماعتن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته ڪوئي نوٽيس ناهي هوندو نوازشريف چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اسانجي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ کان محروم ڪيو ويو ڇا ڪوئي اهڙو مثال موجود آهي ته پارٽي ٽڪيٽ کان محروم ڪيو ويو هجي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تبديلي کي ڪوئي نٿو روڪي سگهي تبديلي ضرور ايندي جيڪا ملڪ لاءِ اڻٽر آهي ريحام خان جي ڪتاب بابت سوال تي نوازشريف چيو ته ريحام خان جي ڪتاب بابت عمران خان يا ان جي ماڻهن کي خبر هوندي مون کي نه آهي ان بابت صرف اخبارن ۾ پڙهي رهيو آهيان صحافي پاران پڇا ڪئي ويئي ته سپريم ڪورٽ اوهان کي گهرايو آهي ڇا چوندا جنهن تي نوازشريف چيو ته ظفرالله صاحب اچي رهيو آهي ان سان مشاورت ٿيندي صحافين تي تشدد ۽ اغوا بابت هن چيوت ه هن ملڪ ۾ اهڙي طرح سان ڪجهه ماڻهو آپريٽ ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *