وقت کان اڳ چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهيون: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) وقت کان اڳ چونڊن لاءِ تيار آهي وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه تي عوام خوشي جو اظهار ڪيو آهي عوام خوش آهي ته جلد اسان جي جند آجي ٿيڻ واري آهي خميس تي محمد نوازشريف احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه تي عوام خوشي ظاهر ڪئي آهي. عوام خوش آهي ته جلد اسان جي جند ڇٽڻ واري آهي هن چيو ته فافن جي رپورٽ موجب 53 حلقن جو فتح جو مارجن رد ٻن ووٽن کان گهٽ آهي رپورٽ مان ظاهر اهي ته 53 حلقن ۾ ڌانڌلي ٿي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان سنجيده سياست جا قائل آهيون ۽ مسلم ليگ (ن) وقت کان اڳ چونڊن جي لاءِ هر وقت تيار آهي نوازشريف آصف علي زرداري جي ڪرپشن ڪيسن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته هي ته پنهنجي مٿان عدم اعتماد ڪرڻ واري ڳالهه آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *