وقت ٻڌائيندو ته ڪنهن جون ڄنگهون ڏڪن ٿيون، ڪنهن جي پيشاني تي پگهر ايندو: عمران خان

گلگت (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن مون کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون. گلگت بلتستان جي 73هين يوم آزادي جي مک تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هتان جي اسڪائوٽس ۽ شهيدن قربانيون ڏئي خطو آزاد ڪرايو، جنهن تي کين خراج پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته چونڊن سبب هتي ترقياتي رٿائن جو اعلان نه ڪري سگهيس پر چوڻ چاهيان ٿو ته اسان جي حڪومت جو هڪ ئي مقصد آهي ته پاڪستان جي پٺ تي پيل علائقن کي اڳتي آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ پاڪستان سان سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪندڙ حڪومت آهي، بي جي پي حڪومت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ڪيو، اهڙو اڳ ۾ ڪنهن ڀارتي حڪومت نه ڪيو، مڪمل رٿابندي تحت پاڪستان خلاف دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، انهن دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز بيٺي آهي، اڄ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين سبب پاڪستان محفوظ آهي، اسان جو اهو حال ناهي جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جو آهي. عمران خان چيو ته ڀارت رڳو دهشتگردي نه پر ملڪ ۾ شيعا سني تڪرار به پکيڙڻ چاهي ٿيو، مان داد ڏيان ٿو ته پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين کي، جن ڀارت جي اهڙن ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مان وزات عظميٰ جو عهدو سنڀاليندي ئي اعلان ڪيو هو ته جن ماڻهن پاڪستان کي لُٽيو آهي انهن کي نه ڇڏيندس، اڄ اهي چور ۽ ڦورو گڏ ٿي ويا آهن ۽ ملڪي رياستي ادارن خلاف ڳالهائي رهيا آهن، مان چيو ڌانڌلي ٿي آهي ته تڪ کولي ڇڏيو پر اهي ڀَڄي ويا، انهن ماڻهن مون کي معيشت ۽ اليڪشن تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ايف اي ٽي ايف ۽ ڪورونا معاملي تي به بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته جڏهن اهي مون کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا ته انهن آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ چيف تي بندوقون تاڻي ڇڏيون آهن، جيڪڏهن اهي چورو ۽ ڦورو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف ڳالهائي رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي مان ٻنهي جي چونڊ بلڪل ٺيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته مسلمانن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان مير جعفر ۽ مير صادق پهچايو، انهن غدارن مسلمانن کي اندر کان نقصان پهچايو، اڄ اسان پاڪستان جي مير جعفر، مير صادق ۽ مير اياز صادق کي ڏسي رهيا آهيون، ڀارتي پائلٽ اڀي نندن جي معاملي تي مون کي سڄي دنيا مان مبارڪن جا پيغام مليا ۽ هي اڄ چئي رهيا آهن ته پاڪستان ڊڄي ڀارت پائلٽ کي واپس موٽايو، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ڇو ته عمران خان انهن کي اين آر او نه پيو ڏئي، سڄي قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عمران خان انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن عدليا حديبيه ملز ڪيس ۾ انهن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته ٺيڪ ۽ جڏهن عدليا انهن جي خلاف فيصلو ڏئي ته عدليا خلاف بيان بازي تي لهي پوندا آهن، انهن جي ڪوشش آهي ته ڪنهن ريت عدليا ۽ فوج تي دٻاءُ وجهي اين آر او ورتو وڃي. عمران خان موجب اڳ ۾ اسان جو سڄو زور ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ تي هو پر هاڻ قانون جي بالادستي تي ايترو ئي زور لڳائيندس ۽ رياستي ادارن کي پاڻ ڏسندس، قانون جي بالادستي جو مطلب آهي ته جيڪڏهن هڪ طاقتور چوري ڪري ٿو ته ان کي اهڙي ئي سزا ملي، جهڙي هڪ ڪمزور کي ملندي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ قوم ڏسندي ته ڪنهن جو ڄنگهون ٿيون ڏَڪن ۽ ڪنهن جي نِرڙ تي پگهر ٿو اچي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *