وقت جي گهٽتائي سبب بلدياتي قانون ۾ جلدي ٿي، وڏو وزير جو اعتراف

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه بلدياتي قانون منظور ڪرائڻ ۾ جلدبازي جو اعتراف ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل وقت جي ڪري اسان ڪجهه تڪڙ ضرور ڪئي ادارا نورالحق ۾ ملاقات کان پوءِ امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرادعلي شاهه چيوت ه بلدياتي حڪومتون ايڪٽ سنڌ اسيمبلي منطور ڪيوهو هنک ان اڳ جڏهن گذريل بلدياتي حڪومت جو مدو ختم ٿيو هو ته اسان کي 2013 کان ان وقت تائين جي تجربي سان ڪجهه ترميمون ڪريون هيون هن چيو ته ان ڏس ۾ بلديات وزير کي ذميواري ڏني وئي هئي ۽ ان سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ته جيئن انهن ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏئي سگهجن هن چيو ته اسان کي صوبي جي آدمشماري تي به وڏو اعتراض هو ۽ اپريل 2021 ۾ سي سي آئي هن آدمشماري جي منطوري ڏني هئي پر سنڌ جي نمائيندي جي حيثيت سان مان اختلاف ڪندي اختلافي نوٽ لکيو هو هن چيو ته صوبائي ڪابينه فيصلو ڪيو هو ته سي سي آئي جي فيصلي جي خلاف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ درخواست ڏينداسين جيڪو اسان جو آئيني حق هو ته اسان جي صوبي ۾ آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي وڏي وزير چيوت ه اسان اپريل ۾ درخواست ڏني ۽ 7 مهينن کان پوءِ 17 نومبر تي جڏهن گڏيل اجلاس ۾ درخواست رکي وئي ته 15 کان 20 منٽ بحث ڪري اسان جو اعتراض رد ڪيو ويو هن چيو ته 21 نومبر تي اليڪشن ڪميشن اسان کي خط لکيو ته 23 نومبر تائين پنهنجو قانون ٺاهيو ڇو ته پهرين ڊسمبر کان تڪبنديون شروع ڪنداسين ته اسان وٽ 9 ڏينهن هئا انهيءِ ڪري اسان تڪڙ ضرورت آهي مرادعلي شاهه چيو ته ٽائون سميت ٻيون جيڪي تبديليون ڪيون ويون هيون ان تي صلاح مشورو ڪيو هو ته ان کان پوءِ اسان قانون آندو هو هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ قانون اسيمبلي ۾ آڻي منطور ڪيو جڏهن ته پنجاب ۾ آرڊيننس تحت هلي رهيو اهي ۽ اسلام آباد جي مڪاني حڪومت جو به اڇا تائين آرڊيننس آهي هن چيو ته خيبرپختونخواه ۾ وڏي نرالي ڳالهه ٿي آهي ڇو ته جيڪو قانون منظور ٿيو آهي اهو ڪجهه ٻيو چوي ٿو ان کان پوءِ عدالت ڪجهه تبديليون ڪيون ته هو اسيمبلي ۾ وڃڻ بنا سپريم ڪورٽ ۾ اپيل تي ويل آهن جڏهن ته جيڪي چونڊون ڪرايون آهن اهي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪرايون آهن وڌڏي وزير چيو ته سنڌ واحد صوبو هو جتي هي معاملو اسيمبلي ۾ ويو ۽ ان وقت به اسان چيو هو ته ان ۾ ترميمن لاءِ تيار آهيون ڇو ته اسان کي پتو آهي ته اسان تڪڙ ۾ ڪيو آهي هن چيو ته سنڌ جي گورنر اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو هو ۽ اسان کي پتو آهي ته ڪافي سياسي پارٽيون ۽ خاص طور تي پنهنجي اتحادين کي گهرائي اسان کي قانون واپس ڪيو ۽ پوءِ اسان ٻيهر قانون اسيمبلي ۾ اندو ۽ ان وقت چيو هو ته جن کي ترميمون ڏيڻون آهن اهي ڏين پر اسيمبيل ۾ ان وقت اهو ماحول نه هو هن چيو ته اسان گورنر صاحب جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون ان کي مڃون ٿا اسان ترميمون ڪيون ۽ جماعت اسلامي جا ڪجهه ٻيا مطالبا هئا ۽ جڏهن ڌرڻي تي آيا ته اسان چيو هو ته ڳالهين لا3ت يار آهيون هن چيوت ه حافظ نعيم الرحمان ۽ جماعت اسلامي جو ٿورائتو آهيان جو اهي اسان سان گڏ ويٺا ۽ هڪ سياسي ۽ جمهوري حل ڪڍيو جنهن تحت اسان تعليم ۽ صحت جا ادرا جيڪي بلدياتي حڪومت هئا انهن بابت اسان قانون ۾ چيو هو ته اهي ادارا وٺي ڇڏيو هن چيو ته اسان جو خيال آهي ته هي ادارا وٺي اسان بهتري آڻينداسين پر جماعت اسلامي چيو ته انهن ادارن کي هڪ طرفي طور تي واپس نه وٺو ۽ هي آئين ۾ گنجائش آهي آرٽيڪل 147 تحت صوبو جيڪڏهن ڪوئي ادارو وفاق جي حوالي ڪرڻ چاهيٿو ته گڏيل راضپي سان ايئن ڪري سگهي ٿو هن چيو ته واٽر بورڊ تي اعتراض هو پر اسان جو خيال هو ته واٽر بورڊ کي صوبائي حڪومت جي مدد جي ضرورت آهي مدد بنا بورڊ پنهنجي پيرن تي نٿو بيهي سگهي مرادعلي شاهه چيوت ها سان گڏيل صلاح مشوري سان انهن ڳالهين کي مڃي ورتو ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مطالبو هو ته سمورن ادارن ايس بي سي اي، ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي ۾پوري رڪنيت ۽ بلدياتي حڪومت جو ڪردار هئڻ گهرجي امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته اها ڳالهه انهيءَ وقت طئي ٿي وئي هئي ته جن شين تي اتفاق ٿي ويو هو ان جو اعلان ڪيو ويو ۽ قدم به طئي ٿي ويا ۽ صوبائي ڪابينه انجي منطوري ڏئي ڇڏي آهي هن چيو ته ٻن هفتن کان پو3 جڏهن ڪابينه جو اجلاس ٿيندو ته سمورن قائدن ۽ نوٽيفڪيشن سميت سموريون شيون ٿي وينديون ان جي نتيجي ۾ عوام جو اعتماد وڌندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڇا وفاق ڪراچي کي هڪ سيڪڙو پاڻي به نٿو ڏئي سگهي جيڪڏهن وفاق شهر کي نطرانداز ڪري رهيو آهي ته پوءِ صوبائي حڪوتم هن شهر جي ذميواري کڻي ۽ ڪوئي اهڙو طريقو جوڙيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ 650 ملين گيلن يقيني ٿي وڃي ڇو ته پاڻي جو سخت بحران آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *