وفاق پاران رينجرز کي ڏنل اختيارن جو مدو ختم ٿيڻ ۾ صرف ٻه هفتا رهجي ويا ، سنڌ سرڪار اڃان تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاق جا رينجرز کي ڏنل خصوصي اختيارن جو مدو ختم ٿيڻ ۾ صرف ٻه هفتا رهجي ويا آهن ذريعن مطابق وفاق پاران رينجرز کي اختيار ملي چڪا آهن پر سنڌ حڪومت اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو جيتوڻيڪ رينجرز جا خصوصي اختيار مدو ختم ٿيڻ ۾ صرف ٻه هفتا وڃي بچيا آهن. ذريعن مطابق صوبائي حڪومت جي هٺ ڌرمي سبب خدشو آهي ته رينجرز اختيارن جو تڪرار شدت اختيار ڪري ويندو. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت رينجرز پاران گرفتار جوابدارن جي 19 کان وڌيڪ جوائنٽ انٽروگيشن ٽيمون جوڙڻ ۾ به سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي سنڌ جي گهرو وزارت ٻه هفتا اڳ سمري گهرو وزير سهيل انور سيال کي اماڻي هئي، جيڪا سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻڻي هئي سمري جي منظوري اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *