وفاق طرفان جاري ٿيل 6 ارب رُپيا گهوٻين جي نذر ٿي ويا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاڻي جي قيمت ۽ اُن جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن حڪومت کي جيڪي سفارشون موڪليون هيون، انهن جو ڇا ٿيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنو ته سمورن صوبن رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي رڳو سنڌ جمع نه ڪرائي آهي، سنڌ آخر ۾ ڇو ٿو اچي؟، چيف جسٽس سنڌ سان لاڳاپيل آفيسرن کان سوال ڪيو ته اوهان جو صوبو سڀني کان پوئتي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪيس اڪلائي رهيا آهيون، 2018ع کان ڪيس هلي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جي نمائندي موقف اختيار ڪيو ته انڊر گرائونڊ اسڪيم ٺاهي ۽ 64 ڊيمز ٺاهيون پيا، چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان وٽ پاڻي جا ايترا اثاثا آهن، انهن جو ڇا ڪيو؟، ڪينجر ڍنڍ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ٻڌايو وڃي ته نئين گاج ڊيم ٺاهڻ کان سنڌ حڪومت کي ڪير روڪي رهيو آهي؟، جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته نئين گاج لاءِ وفاق پاران جاري ڪيل 6 ارب روپيا به هڙپ ٿي ويا. سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري آبپاشي نئين گاج ڊيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ جو اعتراف ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن 17 ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ اجازت گهري آهي، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا وزيراعليٰ اينٽي ڪرپشن کي ڪارروائي جي اجازت ڏيندو؟، جنهن تي ڊپٽي سيڪريٽري چيو ته اها جاچ وڏي وزير جي حڪم تي ئي شروع ٿي هئي. چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ جو ڪنو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ وڃي رهيو آهي، سڀ کان وڏو پاڻي جو ذخيرو سنڌ ۾ هئڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن. عدالت چئني صوبن ۽ وفاق کي واٽر سيمپوزيم تي عملدرآمد بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *