وفاق صوبي ۾ مداخلت پيو ڪري، ڳالهائڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي: نثار کهڙو

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندن وٽان ) سنڌ جي سينيئر ۽  تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙو احتجاج ڪندڙ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ خانگي اسڪولن کي 10 سيڪڙو فيس وڌائڻ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته جيڪو به اسڪول ان کان وڌيڪ فيس وڌائيندو ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، جنهن به اسڪول بنا اجازت جي فيس ۾ 40 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي انهن کي شوڪاز جاري ڪنداسين ۽ هاڻ خانگي اسڪولن ۾ فيس جي حوالي سان جوائنٽ پارلياماني ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون جنهن ۾ اسيمبلي ميمبر ، خانگي اسڪولن جا نمائيندا ۽ تعليم کاتي جا آفيسر شامل هوندا جيڪي اسڪول جي فين جي حوالي سان فيصلا ڪندا ۽ جيڪو به اسڪول انهن تي عمل نه ڪندو انهن خلاف قانون  موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه خانگي اسڪولن جي مالڪن سان ڪيل اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس  ۽ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن  چيو ته ڪنهن به اسڪول کي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس وڌائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، 40 سيڪڙو فيس وڌائڻ غير مناسب ۽ غير قانوني آهي . هن چيو ته اسان هاڻ هر اسڪول جي ڪيٽيگري جي لحاظ سان فيس جو شيڊول جوڙينداسين جنهن تي انهن کي عمل ڪرڻو پوندو ۽ جنهن به خانگي اسڪول ان تي عمل نه ڪيو ته ان خلاف قانو موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته هر خانگي اسڪول ڪوٽا تحت 10 سيڪڙو غريب شاگردن کي مفت داخلا ڏيڻ جو پڻ پابند هوندو. ان حوالي سان ڊائريڪٽر آف اسڪول ايجوڪيشن ۾ شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيو ويندو. ٻئي طرف اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته وفاق هنن جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڳالهائڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن هنن ڳالهايو ته کين ڪير به خاموش نه ڪرائي سگھندو. پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته وفاق هنن جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير صرف سنڌ حڪومت کي الزام تراشي ڪري رهيا آهن، اها هنن کي خبر آهي، رستي ۾ ڀٿر نه وڇائن ته بهتر آهي، هنن جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي، جيڪڏهن هنن ڳالهايو ته کين ڪير به ماٺ نه ڪرائي سگھندو…نثار احمد کهڙي چيو ته عوام ن ليگ جي ڪنهن به ڪوڙن واعدن ۾ نه ايندو، بلدياتي چونڊن ۾ پ پ کي ڪاميابي حاصل ٿيندي، وزير اعظم نواز شريف بلدياتي چونڊن ۾ زرعي پاليسي جو اعلان ڪري ووٽ وٺڻ جي سازش ڪئي آهي پر اها نواز شريف جي ناڪام شازش آهي… نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي نظام بهتر بنائڻ لاءِ هو ڏينهن رات هڪ ڪري ڪوشش ڪري رهيا آهن، 18 هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو ويو آهي ۽ ٻين اسڪولن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو ويندو، بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ سان اسڪولن ۾ استادن جي حاضري بهتر ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *