وفاق سيڪيورٽي پاليسي ۾ ناڪام ٿي چڪو ، چوڌري نثار کي هٽايو وڃي: پيپلزپارٽي

اسلام آباد /ڪراچي(بيورو/اسٽاف رپورٽر) پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  چارسدا سانحي تي هر پاسي کان مذمت آئي آهي پر گهو وزير چوڌري نثار علي پاران مذمت به ناهي ڪئي وئي.سندس چوڻ هو ته حڪيم الله مسعود جي موت تي روئيندڙن کي اڃان تائين سندس موت تي ڏک آهي،خورشيد شاهه چيو ته  وفاقي گهرو وزير جي رويي جي ڪري آڱريون وزيراعظم نوازشريف تي اٿي رهيون آهن،ان ڪري ضروري آهي ته وزير اعظم نوازشريف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي کي عهدي تان هٽائي ڇڏي. ٻئي طرف وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي سڪيورٽي پاليسي بري طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ذميواري قبول ڪندي وفاقي گھرو وزير گھر هليو وڃي. اهي ڳالهه هن اڄ هتي آغا فيروز پاران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي ڪارڪنن جي سياسي جهدوجهد جي باري ۾ بينظير ڀٽو شهيد پارڪ ۾ منعقد ڪيل تصوري نمائش  جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن خدا نه خواسته اهڙي قسم جو دهشتگرد حملو سنڌ ۾ ٿئي ها ته فوري طور وزير اعليٰ کي هٽائڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ها ۽ صوبي ۾ سموري جمهوري نظام کي ختم ڪيو وڃي ها. مولا بخش چانڊيو چيو ته سمورن ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن کي فقط سنڌ ۾ ئي ڪرپشن ۽ باقي برايون نظر اچي رهيون آهن جڏهن ته ملڪ جي باقي حصن ۾ ڪنهن جي به نظر نٿي وڃي جتي دهشتگرد  يونيورسٽين،  اسڪول جي معصوم شاگردن، عام ماڻهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان صحيح نموني لاڳو ڪيو وڃي ها ته باچا خان يونيورسٽي جهڙو خوفناڪ دهشتگرد حملو نه ٿئي ها. مولا بخش چانڊيو وفاقي حڪومت تي ذور ڀريو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت پنجاب ۾ آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ صوبي کي دهشتگردن ۽ انتها پسندن کان پاڪ ڪيو وڃي جيڪي انسانيت تي يقين نٿا رکن.هن چيو ته اها وڏي بدقسمتي جي ڳالھ آهي ته ڪجھ سياسي جماعتن ۾ انهن انتها پسندن ۽ دهشتگردن لاءِ نرم گوشو موجود آهي. ان کان پهرين اطلاعات بابت صلاحڪار ڀٽو خاندان جي سياسي جهدوجهد ۽ سفر جي تصويري نمائش ڏٺي ۽ ڦوٽو جنرلسٽ آغا فيروز جي محنت کي ساراهيو. مولا بخش چانڊيو چيو ته هو پيپلز پارٽي جي ان تاريخي جهدجهد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آرڪائيوز کاتي جي آفيسرن جي گڏجاڻي منعقد ڪندو. هن ان نمائش کي سياسي جهدوجهد جو خزانو قرار ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *