وفاق سنڌ کي آئيني حقن موجب گئس فراهم ڪري، حقن لاءِ جنگ وڙهنداسين: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ سنڌ کي آئيني حق مطابق گيس فراھم ڪئي وڃي ۽ سنڌ وفاق کان پنھنجي حقن لاءِ وڙھندي رھندي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ پرڏيھي سيڙپڪاري پھرين ترجيح آھي ۽ اسان سنڌ کي معاشي مرڪز بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رھيا آھيون، ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي رٿائن تي ڪم ھلندڙ آھي. سنڌ ۾ پرڏيھي سيڙپڪارن لاءِ رجسٽريشن وارو عمل سولو بڻائي رھيا آھيون ۽ اسان ڪاروبار کي سولو بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آھن ۽ ھاڻي وفاق کي بھ ڪاروبار سولو بڻائڻ وارو ھدف پورو ڪرڻ گھرجي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ ڪراچي جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ سنڌ ڊوئنگ پورٽل بزنس رفارمز ايگزيبيشن تقريب ۾ خاص مھمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي تقريب واري پروگرام ۾ پھچڻ تي صوبائي وزير سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ٻين شاندار آجيان ڪئي، انھيءَ تقريب ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار رزاق دائود ۽ ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿو الانگوان پڻ شريڪ ھئا. نمائش ۾ پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ واپار جي واڌاري ۽ سڌارن تي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاھھ ڪيو. ايزي آف بزنس ھڪ انڊڪس آھي جيڪا ورلڊ بينڪ ھر سال پيش ڪندي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿو الانگوان سان گڏجي ايزي آف ڊوئنگ بزنس پورٽل جو افتتاح ڪيو جنھن لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو وچ ۾ معاھدن تي يادداشتي صحيحون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي کاتي جي ثناءَ شيخ جي خدمتن کي ساراھيندي سرٽيفڪيٽ ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ھن وقت دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رھي آھي ان تبديليءَ ۾ معيشت جو وڏو ڪردار آھي، تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ اسان اھڙا موقعا ضايع نٿا ڪري سگھون، اسان کي گڏجي ڪري انساني ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي.  وڏي وزير چيو تھ ورلڊ بينڪ جي ڊوئنگ بزنس رپورٽ سيڙپڪارن لاءِ تمام اھم آھي، سيڙپڪار اھڙي رپورٽ کي ڏسي سيڙپڪاري لاءِ ملڪن جي چونڊ ڪندا آھن. سياسي طور تي ان انڊڪس کي بھ گھڻي اھميت حاصل آھي، ان انڊڪس سان دنيا ۾ سيڙپڪاري آڻڻ سان گڏ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪيو ويندو آھي. ھن چيو تھ ورلڊ بينڪ جي انڊڪس ۾ گذريل سال پاڪستان 11 پوائنٽ سڌارا ڪيا جنھن ۾ ڪراچي 65 سيڪڙو جڏھن تھ لاھور 35 سيڪڙو ڪردار شامل آھي ۽ سندس حڪومت ان ڳالھھ کان بخوبي واقف آھي تھ پرائيوٽ سيڙپڪاري سان ئي عوام ۾ خوشحالي پيدا ڪندا آھن جنھن کي ڏسندي اسان سيڙپڪارن کي مراعتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل پورٽل جو افتتاح ڪيو آھي. ھن چيو تھ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ سولائيءَ پيدا ڪرڻ سان مقامي ۽ عالمي سيڙپڪار فائدو حاصل ڪري سگھندا. اسان سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ مراعتون فراھم ڪرڻ لاءِ سڌارا آندا آھن. ھن چيو تھ سيڙپڪاريءَ سان حڪومتي روينيو پيدا ٿيندو آھي جنھن سان ھنرمند فورس سامھون ايندي آھي. ھن چيو تھ وفاق سنڌ جا مسئلا حل ڪري اسان ورلڊ بينڪ ۾ ٽاپ ٽين تي اچي وينداسين. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ڪاروبار کي سولو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آھن، پاڪستان کي بھ ڪاروبار آسان بڻائڻ واري ھدف کي پورو ڪرڻ گھرجي. وڏي وزير چيو تھ سيڙپڪاريءَ ۾ اضافو ۽ عوام جي خوشحاليءَ واري ڪم ۾ بين الصوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو ھڪ ٻئي سان سھڪار لازمي آھي. دي سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل ذريعي ڪاروباري ماڻھو سندن رجسٽريشن چئن صوبائي کاتن انڊسٽريز، ليبر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ايس اِي ايس ايس آن لائين ڪري سگھندا ۽ انشاءَ اللھ تمام جلد ھن پورٽل ۾ سمورن صوبائي کاتن کي ڳنڍيو ويندو جنھن سان لائسنس، پرمٽس، رجسٽريشن ۽ اين او سيز آن لائين حاصل ڪري سگھبا. وڏي وزير ڄاڻايل پورٽل لاءِ سھڪار ڪرڻ تي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جا ٿورا مڃيا ۽ ورلڊ بينڪ ٽاپ 20 بزنس سٽيز انيشيٽو 2020ع پروگرام جي واکاڻ ڪندي چيو تھ سنڌ بھ ان ٽاپ 20 بزنس سٽيز لاءِ باقائدھ مقابلو ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ايندڙ آءِ سي سي اجلاس ۾ وفاق کان گيس جي مامري تي ڳالھھ ٻول ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت کي درخواست آھي تھ سنڌ کي آئيني حق مطابق گيس فراھم ڪئي وڃي. ھن چيو تھ اسان سنڌ جي حقن لاءِ وڙھنداسين ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ گيس جي مسئلي تي ڳالھايو ويندو. سنڌ حڪومت چاھي ٿي تھ گيس فيلڊ وارن علائقن کي گيس ڏني وڃي. ھن  چيو تھ ڪراچي سميت ٻين شھرن کي گيس، بجلي ۽ پاڻي ڏيڻ سان پاڪستان ڪاروباري لحاظ سان ٽاپ 10 ملڪن واري فھرست ۾ شمار ڪيو ويندو. تقريب کي زبير موتي والا پرائيوٽ سيڪٽر طرفان سندس خطاب ۾ چيو تھ اڄ سنڌ حڪومت تمام اھم ڪم ڪيو آھي، ڄاڻايل پورٽل سان ڪاروباري طبقي کي ڪيتريون کي سھولتون ملنديون جنھن سان سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *