وفاق سنڌ سان زيادتيون پيو ڪري، هاڻي بيٽ گرائونڊ ۾ ۽ شينهن جهنگ ۾ هوندو: وڏو وزير

ڏهرڪي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ سان زيادتيون ڪري رهيو آهي هاڻي بيٽ گرائونڊِ ۾ ۽ شينهن جهنگ ۾ هليو ويندو ۽ سڄي ملڪ ۾ تير ئي تير هوندو. پيپلز پارٽي 2018 جي چونڊن ۾ چئني صوبن تي حڪمراني ڪندي پارٽي فيصلو ڪيو ته پرويز خٽڪ وانگر سڀ کان اڳيان هوندس. هن جمعي تي درٻار گرائونڊ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 30 آڪٽومبر تي هندو برادري سان گڏجي ديوالي ملهائڻي هئي پر ڪوئيٽا واقعي سبب 30 آڪٽومبر تي تقريب ملتوي ڪئي وئي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري موجوده صورتحال ۾ عوام کي متحرڪ ڪندو. هاڻي تير سموري ملڪ ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريندو ۽ عوام جي مدد سان تير کان شير ۽ بيٽ جو شڪار ڪنداسين. شينهن جنگ ۾ هليو ويندو ۽ بيٽ گرائونڊ ۾ هوندي هاڻي هن ملڪ ۾ تير هوندو. هن چيو ته وفاق جي زيادتين سبب 16 آڪٽومبر تي نعرو هنيو هو ۽ هو سڀاڻي سي سي آءِ جي ميٽنگ ۾ ان جي خلاف ڀرپور آواز اٿاريندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو مڊ ٽرم چونڊن جو مطالبو ناهي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چار مطالبا پيش ڪيا آهن جيڪڏهن حڪومت مطالبن کي نظرانداز ڪيو ته پنهنجن مطالبن جي لاءِ جمهوري طريقيڪار موجب احتجاج ڪنداسين. جمهوري طريقي سان ئي حڪومت تي دٻاءُ وجهي سسگهجي ٿو هن چيو ته مون کي اميد آهي ته احتجاج جي نوبت نه ايندي. پرويز مشرف جي حوالي سان هن چيو ته اڳوڻي صدر کي اها سزا نه ملي جيڪا کيس ملڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *