وفاق سنڌ حڪومت کي افغان پناهگيرن خلاف خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته پشاور سانحي سميت ملڪ جي ڪنهن به ٻئي حصي ۾ دهشتگردي جي ڪنهن به وڏي واقعي ۾ افغان مهاجر جي ملوٽ هجڻ جو ثبوت نه مليو آهي، هو سومر تي چيف سيڪريٽري سنڌ جي آفيس ۾ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن ۽ انهن جي وطن واپسي  بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي هوم سيڪريٽري سنڌ عبدالرحيم سومرو، غزنفر علي آغا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا، چيف سيڪريٽري سنڌ سجاد سليم هوتيانا اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو، عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته ملڪ ۾ 30 لک افغان مهاجرن جي رجسٽريشن جو ڪم ٿي چڪو آهي جيڪي اڃاتائين رجسٽرڊ نه ٿيا انهن کي 2 مهينن ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويندو، صوبائي حڪومتن کي چيو ويو آهي ته ان عرصي دوران غير رجسٽرڊ افغان مهاجرن خلاف ڪارروائي کان پاسو ڪن، هن چيو ته افغان مهاجرن کي به پاڪستان جو امن عزيز آهي، عبدالقادر بلوچ چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت افغان مهاجرن سان ناانصافي نه ٿيڻ ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *