وفاق دهشتگردي جو مسئلو عالمي سطح تي اٿاري ڀارت، افغانستان سان کلي ڳالهائي: پرويز خٽڪ

پشاور (اين اين آءِ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جو مسئلو عالمي سطح تي اٿاري، ڀارت ۽ افغانستان سان صاف ڳالهه ڪري ته هو پنهنجن سرحدن تان دهشتگردن جي اچ وڃ بند ڪري، دهشتگردي جي خاتمي۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي شڪار باچا خان يونيورسٽي چار سده جي ڪيمپس جو دورو ڪندي ڪيو، ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ مولانا لطف رحمان، صوبائي وزير سڪندر حيات، شير پائو، شاهه فرمان ۽ ميان جمشيد ڪاڪا خيل، ايم پي اي شوڪت يوسف زئي ان سان گڏ هئا، وڏي وزير دهشتگردي جي متاثر ٿيندڙ ڪيمپس جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ڪالهه ٿيل افسوسناڪ واقعي بابت ڄاڻ ورتي، وي سي باچا خان يونيورسٽي، چانسر ڊاڪٽر فضل رحيم کين واقعي بابت تفصيل ٻڌايو، ڪمشنر پشاور وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته حادثي ۾ شهيد ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي پي او چار سده سيڪيورٽي انتظامن ۽ واقعي ۾ يونيورسٽي جا گارڊ، پوليس ۽ فوج جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو يونيورسٽي جي سيڪيورٽي گارڊ، پوليس، فوج ۽ عوام جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جنهن ڄمي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، يونيورسٽي جي سيڪيورٽي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يونيورسٽي جي سيڪيورٽي بهتر هئي ۽ تربيتي يافته سيڪيورٽي گارڊ هئا جن دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، هن چيو ته تعليمي ادارن کي اڳواٽ سيڪيورٽي جي هدايت ڪئي وئي هئي، هن چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ فنڊنگ ۽ ٻاهرين مداخلت ختم ڪرڻي پوندي، هن چيو ته وفاق سان اها ڳالهه طئه ٿي وئي هئي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 5 هزارن تي ٻڌل فورس قائم ڪئي ويندي جن مان هر صوبي ۾ هڪ هڪ هزار نفري مقرر ڪئي ويندي، هن ان ڳالهه تي افسوس ڪيو ته وفاق اڃاتائين اهو واعدو پورو نه ڪيو آهي، صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق کان مطالبو ڪيو ته ٻين صوبن مان ايف سي فورس جي دستن تي فوري طور واپس گهرائي صوبي ۾ مقرر ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ ايف سي جون خالي سيٽون ڀري ان لاءِ بهترين تربيت جو انتظام ڪيو وڃي، شهيدن ۽ زخمين کي معاوضو ادا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته واقعي جي شهيدن کي 20 لک ۽ زخمين کي چار چار لک ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته زخمين جي علاج جو خرچ صوبائي حڪومت ادا ڪندي، ڪيمپس جي دروي کانپوءِ وڏو وزير شهيد ڊرائيور رحمان الله ۽ شاگرد آصف جي گهر ويو ۽ سندن ڏکايل وارثن سان تعزيت ڪئي، وڏو وزير ان کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اسپتال چار سده ويو جتي هن زخمين جي عيادت ڪئي، ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس زخمين کي ڏني ويندڙ بهترين سهولتن بابت ٻڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *